سيما عباسي منفرد اسلوب جي منفرد ڪهاڻيڪار

عزيز ڪنگراڻي
سيما عباسي: منفرد اسلوب جي منفرد ڪهاڻيڪار
عزيز ڪنگراڻي
ڪهاڻي جي ڪا بہ هڪ يا مڪمل وصف بيان ڪري نه ٿي سگهجي۽ نه  ئي فن جي لحاظ کان ڪو هڪ گهاڙيٽو مقرر ڪري سگھجي ٿو. تنهن هوندي بہ ڪهاڻي جي فن جون ڪي حدون، سرحدون يا فني لوازمات ضرور آهن جن جي آڌار تي ڪهاڻي کي ڪهاڻي چئي سگهجي ٿو. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪهاڻي زندگي يا سماج سان سلهاڙيل ڪنهن هڪ واقعي، مامري، مسئلي يا موضوع جو آئينو هوندي آهي جيڪا ڀرپور نموني مرڪزي خيال جو اولڙو هوندي آهي يا ان جي ڀرپور  عڪاسي ڪري ٿي. ڪهاڻي ۾ پلاٽ  ٿئي ٿو جيڪواهڙو تاڃو پيٽو آهي جنهن جي اڻت ۾ ڪردار چرپر ڪندي نظر ايندا آهن. ڪهاڻي ۾ ڪردار ٿورا هوندا آهن جن جي ڀرپور ڪردار نگاري ڪهاڻي کي سگهارو بڻائي ٿي. پلاٽ کان پوءِ ڪهاڻي جي اهم عنصرن ۾ حقيقت نگاري، سماجي حقيقت نگاري، ڪردار نگاري، منظر يا پسمنظر نگاري، مڪالما ۽ ٻولي چئي سگهجن ٿا. ڪهاڻي جو مسئلي جي نسبت سان مرڪزي خيال يا مقصد ٿئي ٿو. ناول يا ڊرامي وانگر ڪهاڻي ۾ تجسس جو عنصر پڻ اهم آهي جيڪو پڙهندڙ کي ڪهاڻي جي شروعات کان پڄاڻي تائين پڙهي پوري ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي.
ڪهاڻي ۾ ڪردارن جي ماحول ۽ ماحول جي نسبت سان مشاهداتي عنصر به ڪهاڻي جي ڀرپوريت جو ضامن هوندو آهي. مطلب تہ ڪهاڻي ۾ پيش ڪيل وراتا، واقعي يا مسئلي ۽ ان بابت ليکڪ جي مشاهدي ۾ کوٽ ڪهاڻي کي ضربي وجهي ٿي.واقعي جي حوالي سان ليکڪ جو پيان يا ڪردارن جي مڪالمن ۾ مشاهداتي کوٽ هئڻ نہ گهرجي. ڪردارن جي ڳالھ ٻولھ يا ميل جول اهڙو هجي جيڪو سماجي طرح ممڪن هجي يا ممڪن لڳي ۽ واقعي جي روشني ۾ حقيقت نگاري جو عڪس لڳي.
ڪهاڻي جي فن ۾ اهو پڻ بيان ڪيو ويو آهي تہ ان ۾ شروعات، عروج (Climax) ۽  پجاڻي ٿئي ٿي. ڪهاڻيڪار حيران پريشان ڪندڙ يا مايوس ڪن عروج (Anticlimax) جو جز بہ ڪهاڻي ۾ ڪم آڻي سگهي ٿو. اهو ليکڪ تي ڇڏيل آهي ته ڪهاڻي کي واقعي جي نسبت سان ڪٿان کڻي ٿو. شروعات کان کڻي عروج کان پڄاڻي ڏانهن پڙهندڙ کي وٺي اچي ٿو يا عروج کان کڻي شروعات ڏانهن وڃي پڄاڻي ڏانهن اچي ٿو يا عروج کان شروعات۽ پوءِ پڄاڻي ڏانهن  اچي ٿو. ڪهاڻيڪار ڪهاڻي جي فن تي عبور جي آڌار تي عروج تي بہ ڪهاڻي جي پڄاڻي ڪري سگهي ٿو.
جديد سنڌي ڪهاڻي جو ارتقائي دور ورهاڱي کان اڳ شروع ٿيو جنهن ۾ اصلوڪيون سنڌي ڪهاڻيون سرججڻ شروع ٿيون جن ۾ حقيقت نگاري جو پسمنظر ۽ سماجي موضوع شامل ٿيڻ شروع ٿيا. مرد ڪهاڻيڪارن سان گڏ عررت ڪهاڻيڪارن به جديد سنڌي ڪهاڻي سرجڻ شروع ڪئي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ عورت ڪهاڻيڪارن جديد سنڌي ڪهاڻيون لکيون ۽ پاڻ مڃايو. انهن عورت ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون جديد سنڌي  ڪهاڻي جي اتهاس جو سرمايو آهن. اڄ سنڌي جديد ڪهاڻي ايڪويهين صدي ۾ داخل ٿي وئي آهي. مرد ڪهاڻيڪارن کان علاوه عورت ڪهاڻيڪار بہ پختگي، يگانگي ۽ فني لوازمات تحت سنڌي ڪهاڻي سرجي رهيون آهن. انهن اهم ڪهاڻيڪارن ۾ سيما عباسي جو بہ شمار ٿئي ٿو. سيما عباسي جي ڪهاڻي اهو احساس ڏياري ٿي تہ ايڪويهين صدي ايندي ئي  نہ ڪهاڻي کي گولي لڳي آهي ۽ نہ وري ڪهاڻي فني طور مُئي آهي. سيما عباسي جهڙيون ڪهاڻيڪار جديد سنڌي ڪهاڻي کي جياري ۽ جلا بخشي رهيون آهن ۽ سندن ڪهاڻيون جديد سنڌي ڪهاڻي کيٽر جو سرمايو آهن.
سيما عباسي جون مون ڪتاب “ڪلهي ڪانڌي ڪير” ۾ هاڻ ڪهاڻيون پڙهيون آهن. سندس ڪهاڻيون پڙهڻ ۽ انهن جو ڇيد ڪرڻ کانپوءِ وثوق سان چئي سگهجي ٿو تہ سيما عباسي منفرد اسلوب واري منفرد ڪهاڻيڪار آهي. سندس اڪثر ڪهاڻين جا موضوع پڻ اَڇُهيا ۽ نوان نڪور آهن. سندس اڪثر ڪهاڻين جا موضوع گهڻو تڻو شهري ماحول يا سماج جا عڪاس آهن.
ڪردار نگاري ۾ سيما عباسي پنهنجي ڪهاڻي جي ڪردارن سان گڏ هوندي بہ انهن تي پنهنجو فيصلو نہ ٿي مڙهي. ڪردار پلاٽ جي تاڃو پيٽو ۾ پنهنجن مسئلن جي نسبت سان پاڻ بي ساخته چرپر ڪندي نظر اچن ٿا ۽ مقصد (Theme) تحت منطقي انجام يعني پڄاڻي تائين پهچن ٿا. سندس ڪهاڻين ۾ ڪلائيميڪس ۽ اينٽي ڪلائيميڪس جا عنصر کيس بهترين ڪهاڻيڪار جي صف ۾ شامل ڪن ٿا.
سيما عباسي جي ڪهاڻين ۾ ڪردارن سان جيڪي پيش ايندڙ المياتي ۽ ڏکوئيندڙ وارتائون شامل آهن سي سندس ذاتي مشاهدي جو مظهر لڳن ٿيون. سندس ڪهاڻين ۾ سادي ٻولي جو استعمال ٿيل آهي پر ڪم آيل سادي ٻولي ڪهاڻي ۾ شامل واقعي جي پيشڪش کي زائل هرگز  نہ ٿي ڪري. سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ ڪردار ڪو فلسفو نہ ٿا ڳالهائن. ڪردار نگاري جي اها خوبي سندس ڪهاڻين ۾ خوبتر شامل آهي.
سيما عباسي جي ڪهاڻين ۾ مڪالماتي عنصر بہ آهي مڪالما مختصر ۽ تُز ڪم آيل آهن. ڪهاڻين ۾ حقيت نگاري بہ بهترين نموني شامل آهي جيڪا جديد ڪهاڻي جي اهم عنصر ۾ ليکي وڃي ٿي. البت سندس ڪهاڻين ۾ منظر نگاري جي عنصر جي ڪجھ ڪمي نظر اچي ٿي. تنهن هوندي بہ سندس ڪجھ ڪهاڻين ۾ منظر نگاري جو عنصر جاندار  نموني موجود: آهي.
سيما عباسي جي ڪهاڻي ‘مان بہ حق بخشرائيندس’ سڌي طرح هڪ نوجوان هاري ڇوڪري جي وڏ گهراڻي جي ڇوڪري سان محبت جو اڻ چٽو اظهار آهي پر اڻ سڌي طرح مرداڻي خاص طور جاگيرداراڻي سماج تي ڪاپائتو وار آهي. ڪهاڻي ‘فيصلو’ بہ مرداڻي سماج ۾ مرد جي روح رهڙيندڙ روش ئي ڪهاڻي جو مصد آهي. ڪهاڻي ‘بخت جي بازي’ مرداڻي سماج ۾ عورت جي راءِ يا پسند کي اهميت نه ملڻ سبب ڪنهن آڙاھ ۾ پوڻ ۽ بي راھ رَوِي جي اوڙاھ ۾ ڪِرڻ جي مقصد تحت سرجيل آهي. ڪهاڻي ‘آخري حد’ عورت جي اندر جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻي آهي جيڪا محبوب مڙس جو ڪيل هر ستم تہ برداشت ڪري سگهي ٿي پر پاڻ تي پهاڄ جي ڪيرايل پهاڙ وقت ڪمپرومائيز ڪرڻ لاءِ تيار نہ هوندي آهي. ڪهاڻي ‘عشق ايمان’ محبت کي ٺُڪرائڻ جي احساس جرم ۽ محبوب سان ٻيهر ملڻ جي پختي يقين جي ڪهاڻي آهي.
سيما عباسي جي ڪهاڻي ‘اهو سون ئي گهوريو’ جو مقصد زندگي دولت جي ٽياس تي ٽنگڻ کان بُک وڌيڪ  بهتر آهي. ڪهاڻي ‘تڏهن ملنداسين’ ناڪام محبت جي احساسن جي سمنڊ ۾ لڙهندڙ شخص جي محبت جي اڻ سڌي تڪميل جي المياتي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي ‘آئيڊيل جو موت’ جو مقصد اهو آهي ته جنهن کي آئيڊيل سمجهيو وڃي، ڇو نہ اهو پيءُ هجي سو آئيڊل ثابت نہ ٿئي تہ ماڻهو جو وجود ۽ ويساھ ٽُٽِي ٽُڪرا ٿي وڃي ٿو. ڪهاڻي’ صحيح سڃاتا سپرين’ وھم گمان ۾ نہ هجڻ واري يا اڻ ٿيڻي ٿيڻي ٿي پوڻ جي ڪٿا آهي. ‘ڪُٺيس ڪُويڄن’ ڪارو ڪاري جي روايتي موضوع تي سرجيل ڪهاڻي آهي جنهن ۾ ڪجھ ڪمزور مشاهدي جي جهلڪ بہ نظر اچي ٿي. ڪهاڻي ‘هفت اقليم’ ڇوڪرين جي پسند يا ڪورٽ مئريج جي شادي ڪرڻ جي جهڙوڪر نندا آهي.
ڪهاڻي ‘شير شاھ جو شڪرو’ مرداڻي هٺ ۽ ان هٺ جي خطرناڪ نتيجن جو عڪس آهي. ‘ڪڄاڙو ڪهان’ مايوس ڪُن ماڻهو جي مضطرب احساسن جي اپٽار آهي. ‘وقت جو وهڪرو’ بي راھ رَوِيءَ جي درياھ جي وهڪرن ۾ لڙهيل ناڪام محبت جي ڪهاڻي آهي. ‘شادي ۽ آزادي’ ڪهاڻي جو مقصد مرداڻي سماج ۾ آزاد ۽ اڏول  سڏائيندڙ عورت بہ آزاد نہ هوندد آهي. ڪهاڻيون ‘ڪلهي ڪانڌي ڪير’ ۽  ‘ردالي’ رشتن جي بي حسيءَ جو اولڙو آهن. ڪهاڻي ‘حوصلن جي هام’  ۾ ٻئي جي تخليق تي تڳندڙ ۽ اديب سڏائيندڙ جي وارتا بيان ڪيل آهي. ‘مجروح مردانگي’ هڪ اهڙي شخص جي دکدائڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي اولاد نه ٿو ٿئي.
بھرحال چئي آيو آهيان ته سيما عباسي منفرد اسلوب واري منفرد ڪهاڻيڪار آهي. هيءُ پنهنجي پيان ۽ اظهار ۾ پڻ بيباڪ ڪهاڻيڪار آهي. سندس تخليقي صلاحيتن جي آڌار تي سرجيل تخليقي پورهيو پوري سگھ سان ادبي کيتر ۾ جاءِ والاري چڪو آهي. سندس ڪهاڻيون سنڌي ادب جو سرمايو آهن ۽ رهنديون.

ڪتاب ڪلهي ڪانڌي ڪير

Give us your feedback