قاضي منظر حيات: شاعر ۽ ليکڪ

عزيز ڪنگراڻي

           قاضي منظر حيات

سنڌي ٻوليءَ جي نامور شاعر، اديب، مترجم ۽ آرٽسٽ ڊاڪٽر قاضي منظر حيات پهرين آڪٽوبر 1967ع تي، قاضي عبدالحيّ ‘قائل’ جي گھر ۾ رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. سندس جنم هڪ علمي ادبي گھراڻي ۾ ٿيو، جو سندس والد قاضي عبدالحيّ ‘قائل’ پڻ شاعر، اديب، تعليمدان، سماج سڌارڪ ۽ آرٽسٽ هو. قاضي منظر بنيادي تعليم مقامي طرح تي حاصل ڪئي ۽ مئٽرڪ 1982ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪئي. ان کان اڳ ۾ ڇهين ڪلاس ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرومان سال 1977ع ۾ اليمينٽري ڊرائينگ جي امتحان ۾ پوري حيدرآباد ريجن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ان بعد 1978ع ۾ انٽرميڊيٽ ڊرائنگ جو امتحان به نمايان نمبرن سان پاس ڪيو. سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ دوران ئي پرائيويٽ شاگرد جي حيثيت ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سال 1989ع ۾ايم.اي (سنڌي ادب) جي ڊگري فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان حاصل ڪئي ، جنهن تي کيس وائيس چانسلر گولڊ ميڊل به مليو. ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري 1991ع ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين.

                   ڊاڪٽر قاضي منظر حيات کي ننڍپڻ کان ئي ادب، شاعري ۽ آرٽ سان لڳاءُ رهيو ۽ هن شاگرديءَ جي زماني کان ئي تعليم سان گڏ پنهنجي شوق ۽ ذوق جي پورائي لاءِ شاعري به ڪئي، نثر به لکيو، ترجما به ڪيا ته مصوري (ڪئليگرافي، اسڪيچ ۽ پورٽريٽ) به ڪئي. هن 1978ع کان شاعريءَ جي باقاعدي شروعات ڪئي ۽ شاعريءَ جي اصلاح پنهنجي وڏي ڀاءُ قاضي مقصودگل کان ورتائين، اڳتي هلي شاعريءَ ۾سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر سرڪش سنڌيءَ کان به سکيا ورتي. جڏهن ته ڊرائنگ ۽ آرٽ به پنهنجن وڏن ڀائرن قاضي خضر حيات ۽ قاضي اختر حيات کان سکيو.

      قاضي منظر حيات هن وقت تائين ڪيترن ڪتابن جا ٽائيٽل، سنڌ جي مشهور شخصيتن جا اسڪيچ، شاهه سائين، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سچل سرمست، استاد بخاري، شمشيرالحيدري، نياز همايوني ۽ ٻين شاعرن جي شاعريءَ جون خوبصورت ڊيزائيون ٺاهڻ کان علاوه ٻارن جي رهنمائي ۽ تربيت لاءِ به ڪيترائي اسڪيچ ٺاهيا آهن.

          علمي، ادبي، سماجي تنظيمن ۾ به ننڍي لاءِ کان وٺي حصو وٺندو رهيو آهي ۽ اتي به سدائين سرگرميءَ سان پنهنجون صلاحيتون ڏيکاريون آهن. گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم 1970ــ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سموري سنڌ ۾ انتهائي سرگرم هئي، ننڍپڻ ۾ ئي قاضي منظر گجٻ رتوديرو شاخ جو اسٽيج سيڪريٽري رهيو، تنهن کان پوءِ اسڪول جي زماني گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو جو بهترين اسڪائوٽ رهيو۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي تربيتي ڪيئمپن ۾حصو ورتو. لطيف ادبي سنگت رتوديرو، سنڌڙي ڪتابي سلسلو رتوديرو، شاهه عنايت ادبي سنگت نئون ديرو، سنڌي ڪلاڪار ساريندڙ سٿ لاڙڪاڻو ۾ پنهنجي والد ، وڏي ڀاءُ مقصود گل، سائين سرڪش سنڌي ۽ مختار گھمرو جي نگرانيءَ ۾ ادبي پروگرامن ۾ حصو ورتو، شاعري پڙهي، تاثراتي مقالا پيش ڪيا ۽ گھڻي ڀاڱي ڪمپيئرنگ به ڪئي. 1982ع کان 1985ع تائين سنڌي ادبي سنگت نوابشاهه سان به لاڳاپيل رهيو، اتي ادبي ڪلاسن جي بحث مباحثن ۾ حصو ورتو ۽ سڪندر آرٽ گئلري ءَ ۾ ادبي پروگرام ڪيا.
 ڪراچيءَ ۾ پڙهائيءَ دوران سنڌي ادبي سنگت جي هفتيوار ادبي ڪلاسن ۽ پروگرامن ۾ اچڻ وڃڻ سبب بدرقريشي، فقير محمد لاشاري، بدرابڙو، هدايت منگي، نصير اعجاز، نقاش، رئوف نظاماڻي، شڪور نظاماڻي، ستار پيرزادو، تاجل بيوس، عطيا دائود ۽ ٻين اديبن جي ويجھڙائي نصيب ٿي. اتي ڪراچيءَ ۾ وري سنڌ ميڊيڪل ڪاليج اندر سنڌي ميڊيڪوز ايسوسيئيش سان وابستگي رهي ۽ ادبي ونگ جو ڪم پڻ سونپيو ويو، سگا جي سرگرمين ۽ ڊاڪٽر سڪندر مغل سان روم مئٽ ٿي رهڻ ڪري سماجي ۽ سياسي سرگرمين جو وڌيڪ موقعو مليس. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي اسٽوڊيو تي پروڊيوسر اعجازعليم عقيليءَ سان واسطيداريءَ ڪري لطيفي لات، ڪچهري، گھڙيال پروگرامن ۾مسلسل شرڪت سان گڏوگڏ هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪئليگرافي ڪئي ۽ ٿوري گھڻو صحافتي ڪم به ڪيو. شڪارپور جي ماڊرن پريس جي مالڪ، پرنٽر ۽ پبلشر استاد غلام رسول ميمڻ سان خانداني دوستي سبب ڪجهه پريس جي ڪم جي ڄاڻ حاصل ڪئي، پسٽنگ ۽ پروف ريڊنگ جا بنيادي سبق سکيا.
 1995ع کان 2003 ع تائين سنڌي ادبي سنگت رتوديرو سان سلهاڙيل رهيو،انهيءَ عرصي ۾ سنگت رتوديرو جو ماهوار نيوزليٽر “سنگت نامون” پنهنجي ڪئليگرافيءَ سان لکي، پڌرو ڪندي  پوسٽ وسيلي سڄي ملڪ ڏانهن اُماڻيندو هئو. قاضي عبدالحيّ علمي اڪيڊمي ۽ ماڊل اسڪول جي گورننگ باڊيءَ جو حصو به رهيو آهي. انکانپوءِ سنڌي ادبي سنگت شڪارپور ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪندي هفتيوار گڏجاڻين سميت ڪيترائي وڏا پروگرام به ڪرايا. 2005ع کانپوءِ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد سان واڳيل آهي ان کانسواءِ مقصود گل يادگار ڪاميٽي جو پريس سيڪريٽري پڻ آهي.   

       ڊاڪٽر قاضي منظر حيات پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي ۽ هن پنهنجي مسيحائي شعبي سان به اوترو ئي نڀاءُ ڪيو آهي، جيترو ادب ۽ آرٽ سان. عملي طور سال 1993ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن وسيلي صحت کاتي ۾ ميڊيڪل آفيسر طور ذميواريون سنڀاليون. هن خيرپور ناٿن شاهه، لکي غلام شاهه، مانجھند، حيدرآباد، ڄامشوروجي سرڪاري اسپتالن ۾ پنهنجا فرض نڀاهيندي ، ترقيون ماڻيندي هينئر سرڪائوسجي نفسياتي اداري حيدرآباد ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر طور نوڪري ڪري رهيو آهي.

        ڊاڪٽر منظر جو ٻارن سان گهرو لڳاءُ رهيو آهي، ان ڪري هن ٻارن لاءِ نهايت ئي ڪارائتا ڪتاب ترجمو ڪيا آهن، جن ڪتابن جي اهميت اها آهي، جو سنڌي ليئنگيج اٿارٽيءَ پاران انهن جا ٽي ٽي ڇاپا ڇپجي چڪا آهن، جن ۾: ناميارا سائنسدان (پهريون، ٻيو ۽ ٽيون ڀاڱو)، وقت ۽ امتحان (ايڊيسن جي ڪهاڻي)، سائنسي ڄاڻ شامل آهن. انهن ڪتابن ٻاراڻي ادب ۽ ترجمي واري شعبي جي مقابلن ۾ ڪيترائي ايوارڊ به ماڻيا آهن. ان کان اول هن ايم. اي (سنڌي ادب) جي آخري سالَ ۾ پنهنجي والد صاحب جي شخصيت تي مونوگراف ‘هڪ شخصيت – هڪ ادارو’  جي عنوان سان لکيو، جيڪو بعد ۾‘هڪڙو پيارو ماڻهو’ جي نالي سان 1990ع ۾ سنڌڙي ڪتابي سلسلي رتوديرو پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس ترجمو ٿيل ڪتاب ‘ايجادون ـ ابتدائي احوالُ’ نئون نياپواڪيڊمي ڪراچيءَ پاران ڇپائيءَ جي آخري مرحلي ۾ آهي.

         قاضي منظر حيات جا سياسي ، سماجي حالتن حوالي سان سرجيل ۽ سندس ڊزائين ڪيل چوسٽا، ٽه سٽا ۽ بيتَ سالن کان ڪيترين سنڌي اخبارن ۾ لاڳيتو ڇپجندا رهن ٿا، تن ۾روزاني هلال پاڪستان، روزاني هلچل، روزاني شام، روزاني مقدمو، روزاني آس، روزاني اپيل، روزاني طلوع وغيره نمايان آهن.

                قاضي منظر حيات جديد سنڌي شاعريءَ جي باني شيخ اياز سان ڪراچيءَ ۾ گھڻو ويجھو رهيو، اياز جي ڪيتري شاعري ۽ نثر قاضي منظر جي هٿ اکرن سان لکيل آهي.  اياز جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ سندس شاعريءَ جي سهيڙ، پريس ڪاپيون ٺاهڻ ۽ پروف ريڊنگ جو ڪم به قاضي منظر جانفشانيءَ سان ڪيو. ان کانپوءِ ثقافت، سياحت کاتي پاران شيخ اياز جي ڪليات سهيڙڻ واري رٿا ۾ قاضي منظر حيات، سائين محمد ابراهيم جويو جي سرواڻيءَ ۽ تاج جويو جي سٿ ۾ به ڀرپور ڪم ڪيو آهي. اهڙي طرح ايازشناسيءَ حوالي سان قاضي منظر حيات جون ساهتي خدمتون ساراهڻ جوڳيون آهن.

         قاضي منظر جي هڪ اضافي خوبي اها به آهي، جو روزانو علمي، ادبي يا ذاتي دوستن / شخصيتن کي ساريندي سندن جنم ڏينهن تي تصوير / اسڪيچ سان مبارڪباد جو خوبصورت ڪارڊ ٺاهي، سڀني کان پهريائين کين ياد ڪري ٿو. ان سان گڏوگڏ نه صرف سنڌ ، هند پر پوري دنيا جي وڇڙي ويل عالمن، اديبن، آرٽسٽن کي پنهنجي تخليقي انداز سان ڀيٽا پيش ڪري ٿو.  سوشل ميڊيا تي سدائين سرگرم نظر اچي ٿو.

           ڊاڪٽر قاضي منظر حيات هن وقت قاسم آباد ، حيدرآباد ۾ پنهنجي گهرواري سيما ۽ چئن ٻارڙن : ماترا (14 سال)، منفرد (13سال)، ميرم(12 سال) ۽ منصرم(9 سال) سان رهائش پذير آهي.

Give us your feedback