سيما عباسي

عزيز ڪنگراڻي

سيما عباسي

سيما عباسي سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ ڪهاڻيڪار آهي  سيما عباسي جو اصل نالوسيما پروين عباسي آهي. سيما 18 اپريل 1973ع تي لعل محمد عباسي جي گهر ۾ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. هن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان 1982ع ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ پرائيويٽ  طور گورنمينٽ گرلس اسڪول لاڙڪاڻي مان 1987ع ۾ پاس ڪيائين. جڏهن تہ بي.اي پڻ  گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي منجهان گرلس ڪاليج مان 1992ع ۾ پاس ڪيائين. ايم اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان 1995ع ۾ پاس ڪيائين. سيما 2005ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري لاڙڪاڻي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿي ۽ علمي ادبي خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. سيما لکڻ جي شروعات 1985ع کان ڪئي. نوڪري جي شروات ڪئي۔ هن اردو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيو آهي. سندس پهرين لکڻي اردو ڊائجسٽ سچي ڪهانيان ۾ ڇپي. سندس شاعري توڙي ڪهاڻيون ڪاوش، ھزار داستان ڊائجسٽ، آداب عرض، سورمي، سنڌ  راڻي، نئي آس، سچي ڪهاڻي ان رسالن، نواءِ وقت ۽عوامي آواز اخبارن ۾شايع ٿيل آهن. لکڻين تي مشتمل پهريون ڪتاب
‘لفظن ڀوڳيو آ بنواس’ سال 1916ع ۾ ڇپيو. سيما
سنڌي ادبي سنگت ڪراچي، آرٽس ڪائونسل ڪراچي، ينگ رائيٽرس فورم حيدرآباد، ادبيات اڪيڊمي ڪراچي جي عهديدار ۽ ميمبر پڻ رهي آهي.  کيس مڃتا طور ينگ رائيٽرس فورم  ڪراچي سپر ايڪسيلينس ايوارڊ بہ مليل آهي. سندس ادبي مڃتا طور مختلف رسالن طرفان سندس مڃتا نمبر پڻ ڇپيل آهن.

Give us your feedback

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s