جين مت جو يارهون مک اوتار سنڌي هو

جِين مت جو يارهون مُک اوتار سنڌي هو
عزيز ڪنگراڻي
سنڌ جي سرزمين نهايت قديم آهي جنهن کي سنڌُو درياھ صفحه هستيءَ تي نمودار ڪيو. ۽ سنڌُو درياھ جي ڪنارن سان ئي بيمثال سنڌُو تهذيب جنم ورتو. مصري، بابلي، سميري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيبن جيان سنڌُوءَ جي شاندار تهذيب تي نه صرف سنڌ پر دنيا فخر ڪري ٿي. سنڌي ماڻهو سنڌي ٻولي ۽ سنڌ سان اڄ نه پر صدين کان پيار ۽ فخر ڪندا آيا آهن. ديال اين هرجاڻي پنهنجي ڪتاب “سنڌي رُوٽس اينڊ رچُوئل” ۾ حوالي سان لکي ٿو ته اَٺين صدي عيسوي ۾ سنڌي پُروقار، پيار ڪندڙ، نرم ملائم ۽ ڌيرج بريا سگهارا ماڻهو هئا. سنڌي ماڻهو گيتن، موسيقي ۽ ناچ جا وڏا شوقين هئا. کين پنهنجي وطن سان وڏو لڳاءُ ۽ پيار هو.
پريم سنگهه جينا پنهنجي ڪتاب “ٽُوئزم اينڊ بُڌسٽ موناسٽريز آف لداخ هماليه” ۾ ٿوري ڦيرگهير سان ساڳي ڳالهه ورجائيندي لکي آهي ته اٺين صدي عيسوي دوران سنڌين کي پنهنجي وطن لاءِ ڏاڍو پيار هو. .اهي پنهنجي وطن جي شان ۽ مان ۾ ۽ کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ گيت به ڳائنيدا هئا ته موسيقي جا سُر به وکيريندا ۽ ناچ به ڪندا هئا. سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ٻولي جو سنڌ سان لاڳاپو ته اڻ ٽُٽ ۽ قديم آهي پر سنڌ ۾ مختلف مذهب پڻ رهيا آهن. جنهن ۾ جين مت به شامل آهي.
جين مت يا مذهب قديم مذهبن ۾ شمار ٿئي ٿو. جين مذهب جي روايتن موجب جين مت جي شروعات ويدڪ دور کان به گهڻو اڳ واري زماني ۾ ٿي. جين مت جو بنيادي اصول امن ۽ اهنسا رهيو آهي. دنيا تياڳي جين مت جي تعليمات ڦهلائيدڙ يا پيغام رساني ڪندڙ يا تِيرٿ قائم ڪري جين مت جي پرچار ڪندڙ کي مُک اوتار (تِيرٿنڪار) ڪوٺيو وڃي ٿو. جين مت جا مُک 24 اوتار (تيرٿنڪار) ٿي گذريا آهن جنهن ۾ آخري ۽ چوريهون مُک اوتار (Tirthankar) مهاوير هو جنهن جين مت کي سڀني کان گهڻو ڦهلايو ۽ مشهور ٿيو. سندس عرصو 500 ق.م کان ڄاڻايو وڃي ٿو. سندس دؤر ۾ جين مت وڌيڪ پکڙيو ۽ ان جو جو اثر سنڌ تائين پڻ پهتو.
جهڙي ريت سنڌ ۾ ٻُڌمت جا مُک ڀِڪشُو هوندا هئا اهڙي ريت جين مت جو يارهون مُک اوتار (تيرٿنڪار) سنڌي هو جيڪا اهم تاريخي ڳالهه چئي سگهجي ٿي. ديال اين هرجاڻي ۽ پريم سنگهه جينا موجب سندس نالو انشناٿ هو. ڪن مؤرخن سندس نالو انسناٿ ، انشُو ناٿ يا شيري انسنات پڻ ڄاڻايو آهي. جين مت جي روايتن موجب سندس ڄمار هزار سال هئي. انشنات جو جنم بنگال جي اُپ ٻيٽ ڪناري هندي سال جي ڦڳڻ مهيني جي ٻارهين تاريخ تي سارناٿ ويجهو، سمهاپوري ڳوٺ ۾ اتي جي اِڪشواڪُو گهراڻي جي بادشاھ وشنو ۽ راڻي وشنُو ديوي جي گهر ۾ ٿيو. سنهاپوري ڳوٺ کي ڪن هنڌن تي سنگهپور به لکيو ويو آهي.
هرجاڻي ۽ جينا مطابق سندس خاندان سنڌي هو جنهن جو اصل تعلق سنڌ رياست سان هو. گمان غالب آهي ته انشناٿ جي جنم واري علائقي جي اِڪشواڪُو گهراڻي جي بادشاھ وشنو وارو علائقو سنڌ تي قائم مرڪزي حڪومت سان لڳاپيل هوندو جنهنڪري سنڌ جي هن سنڌي خاندان کي اُتي حُڪمران مقرر ڪيو ويو هوندو. سارناٿ ۾ انشناٿ سان منسوب جين مندر پڻ آهي جيڪو جين مت وارن جو نهايت اهم زيارتي ۽ پوڄاپاٺ جو مرڪز آهي. هن وقت اهو علائقو هندستان جي 29 هين رياست انڌرا پرديش جي ضلعي نيلور ۾ واقع آهي.
انشناٿ جين مت کي بنگال تائين ڦهلايو ۽ ديال اين هرجاڻي موجب انشناٿ بنگال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
انشناٿ جي دور جو ذڪر ڪٿي به چِٽي ريت موجود نه آهي. محض روايتي بيان موجود آهن. ٿي سگهي ٿو ته انشناٿ جو تعلق شروعاتي ويدڪ دؤو واري زماني ۾ دراوڙن سان هجي. سندس تعلق ويدڪ دور کان اڳ واري پروٽو ڊراوڙ دور سان هجڻ جو به گمان ڪري سگهجي ٿو.

Give us your feedback

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s