Imagery in poetry of Ustad Bukhari استاد بخاري جي شاعريءَ ۾ عڪس نگاري

استاد بخاري جي شاعري ۾ عڪس نگاري
عزيز ڪنگراڻي
شاعريءَ وانگرعڪس نگاري به هڪ فن آهي. اعلى نموني جو اهڙو هنر آهي جنهن سان شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ زندگيءَ جي داخلي ۽ خارجي حالتن ۽ وارتائن جي توسط سان تصوير ڪشي ڪندي ماڻهوءَ جي حواسن کي ڇيڙي سگهارو احساس پيدا ڪندو آهي. سنڌي لوڪ شاعري هجي، آڳاٽي يا سنڌي ڪلاسيڪي شاعري هجي يا جديد سنڌي شاعري هجي، عڪس نگاري ان جي جُز ۾ شامل نظر اچي ٿي. ڪنهن شاعر جي شاعريءَ ۾ اهو فن شعوري طور ڪم آيل هجي يا لاشعوري طور شامل ٿيل هجي پر عڪس نگاري جي فن وسيلي شعر ۾ ڀرپوريت جو تاثر پيدا ڪيل هوندو آهي. شاعر پنهنجي ذات سان گڏوگڏ ارد گرد جي ماحول، شين، خوبصورتين، بدصورتين، سٺايُن، ڪراهتن،حُسناڪين، اندروني احساساتي خلفشارن، ڪائناتي رنگتن ۽ ٻين لقائن جي پنهنجي مشاهداتي سگهه آهر منظر ڪشي يا عڪس بندي ڪندي نه صرف پنهنجي اندر اور ڪري ٿو پر انهن بابت ٻڌندڙ ۽ پڙهندڙ جي حظ ۽ حواسن کي به تحرڪ ۾ آڻي ٿو. شاعريءَ ۾ عڪس نگاريءَ جي فن جو تعلق گهڻو تڻو انساني حواسن سان ڄاڻايو ويو آهي. هڪ يا وڌيڪ حواسن جي وسيلي شاعر داخلي توڙي خارجي ماحول سان سلهاڙيل سوچن، جذبن ۽ احساسن جي جهڙوڪر لفظن جي سُٻنڌ سان عڪس نگاري ڪندو آهي ۽ شاعر جي مشاهدي منجهان ڦُٽي نڪرندڙ اها سوچ جڏهن عڪس جو روپ ڌاريندي آهي ته پڙهندڙ يا ٻُڌندڙ به پنهنجي حواسن وسيلي انهيءَ تجربي يا مشاهدي کان شدت سان آگاھ ٿيندو آهي. شاعريءَ ۾ ڪنهن به شئي جي عڪس پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي ته اها حواسن مان ڪنهن به هڪ يا هڪ کان وڌيڪ يا مڙني حواسن جي ڏنل معلومات کي وري تصوراتي وجود ۾ آڻڻ جي ڪوشش ٿيندي (1).
اصطلاح عڪس يا عڪس نگاري جون ڪيتريون ئي معنائون ۽ مطلب آهن. عڪس بندي يا تصوير ڪشي عام اصطلاح طور، ٻوليءَ جي استعمال سان شين، عملن، محسوسيات، سوچن، خيالن، ذهني حالتن يا ڪيفيتن ۽ حواسي يا شديد حواسي تجربن جي وضاحت ڪري ٿو. عڪس جو مطلب صرف ذهني يا دماغي (احساساتي) تصوير ڪڍڻ لازمي نه آهي. دراصل اسان کي لفظي يا حقيقي (Literal)، ادراڪي يا شعوري (Perceptual) ۽ تصوراتي (Conceptual) عڪس نگاري ۾ فرق ڪرڻ گهرجي (2) ۽ انهن کي سمجهڻ جي جسارت ڪرڻ گهرجي. انگريزيءَ ۾ عڪس لاءِ Image ۽ عڪس بندي يا عڪس نگاري لاءِ Imagery لفظ ڪم آڻي سگهجن ٿا جن جون اصطلاحي معنائون کوڙ ٿي سگهن ٿيون پر هت اسانجو موضوع سنڌيءَ شاعريءَ ۾ عڪس نگاري آهي. اُن لاءِ سنڌيءَ ۾ عڪس جو مطلب تصوير ڪڍي سگهجي ٿو جنهن لاءِ مٿيون نوعيتون ڄاڻايون ويون آهن.
عڪس جي نوعيتن جي سلسلي ۾ هيئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته شاعريءَ ۾عڪسن جي نوعيت ٽن نمونن جي ٿي سگهي ٿي. هڪ لفظي يا حقيقي (Literal) جيڪا دراصل حقيقت ۾ نظر ايندڙ ، جسامت رکندڙ يا حقيقت ۾ وجود رکندڙ شين جي جيئن جو تيئن عڪس بندي متعلق هوندي آهي ۽ احساس چوريندي آهي. اُن ۾ ڪنهن به اصطلاحي يا استعاراتي سوچ جو ڀراءُ نه هوندو آهي. ٻي نوعيت جو لاڳاپو استعاراتي يا اصطلاحي (Perceptual) مفهوم جي احساس پيدا ڪرڻ واري عڪس بنديءَ سان هوندو آهي ۽ ٽينءَ جو تعلق محسوس ڪرڻ واري حس، تصور يا محسوسيات (Conceptual) سان هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ ٽين نوعيت تجريديت تي مبني عڪس نگاري پڻ چئي سگهجي ٿي. هن عڪس نگاري وسيلي مافوق الفطرت ، آفاقي يا اڻ چٽي شئي بابت سوچن جي عڪس نگاري وسيلي حواس جي سهڪار سان احساس اڀاريو وڃي ٿو. ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ ٿيُوري ۾ “خدا جي مِيرِي (ننڍو قلعو) يا خدا جي گرفت، پڪڙ يا گهيرو ” (Castle of God) کي تصوراتي عڪس ڪوٺيو يا درج ڪيو آهي(3). عڪس جي هن نوعت جو تجريديت سان ويجهو ڳانڍاپو چئي سگهجي ٿو. استاد بخاريءَ جي شعر جون سٽون آهن:
“هٿ ۾ ڏاٽو ڪڇ ۾ کارو
لاباري تي ويندي ويندي
لاهيندي وئي لابارو” (بخاري)
مٿئين شعر ۾ پهرين ۽ ٻي سٽ ۾ لفظي ياحقيقي نوعت سان تعلق رکندڙ نظري ۽ چُرپُر وارا عڪس آهن. “هٿ ۾ ڏاٽو ڪڇ تي کارو” ۽ “لاباري تي ويندي ويندي” لفظي يا حقيقي نوعيت کي ظاهر ڪندڙ عڪس آهن. ٽين سِٽ ۾ ادراڪي يا استعاراتي نوعيت جو احساساتي عڪس آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ “لابارو لاهڻ” جو استعاراتي يا ادراڪ ۾ اچي ويندڙ اصطلاحي سوچ يا نوعيت جو عڪس وسيلي استعمال ٿيل آهي. تصوراتي (Conceptual) نوعيت ۾ ڪنهن تصور جو يا وري ڪنهن الهامي راز يا تجريدي سوچ جو عڪس اُڪريل هوندو آهي. استاد بخاري هيٺ ڏنل شعرن ۾ تصوراتي يا تجريدي نوعيت جي عڪس نگاري ذريعي احساسن کي نئين سر جاڳائيندي هڪ اڻ لَکي تصوراتي نوعيت جا ڌنڌلا عڪس پڻ جوڙيا آهن.
آرنڀ آهي الک، جنهن جي لِک نه لَک،
لکين رکيل ڪَک، انهيءَ اونهي ارٿ تي
آرنڀ جي اهڃاڻ جي، سوکي ناهه سڃاڻ،
سمجهي سگهجي “سو” نه ٿو، سهسين سمجهڻ ساڻ،
اڃا ڄاڻ اَڄاڻ، انهي اونهي اوک ۾.
ادراڪن ۾ عڪس ڪو، پرجهڻ ۾ پڙلاء
اوسر وارا سوجهرا،اڀريو اڳنان آءُ،
اسان آهه اهاءُ، اڇليو ڌنڌ ڌڪاءُ تي.
مٿي ڏنل بيتن ۾ آرنڀ لفظ مُنڍ يا شروعات لاءِ ڪم آيل آهي ته ڪائنات ڪڏهن، ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ٿي؟ يا ڪنهن ٺاهي؟ ٻئي پاسي وري الله جي وجود ۽ ان جي تصور جو بيان ڪندي تصور ۾ تصوير يا خاڪو ٺاهي ٿو. الک يعنى هيڪلو، اڪيلو، اڻ لکو يا نه محسوس ٿيندڙ يعنى رب جنهن سان شروعات ته ٿي پر اُن جي ليکي يا لَکائڻ بابت تجريديت يا راز جو اظهار ٿيل آهي ته پتو ناهي ۽ اُن پَتي نه هجڻ جو تصوراتي يا تجريدي عڪس، نظري عڪس “لکين رکيل ڪَک” جي سهاري جُڙيل آهي. ٻئي بيت ۾ انهيءَ جي باري ۾ ڄاڻ به اَڄاڻ آ ۽ ڄاڻڻ لاءِ اوک ڊوک به نظر اچي ٿي جيڪا آفاقيت جو عڪس آهي. ٽئين بيت ۾ صرف ادراڪ ۾ ان جي پروڙڻ جي “پڙلاءُ” ۽ “آهه جي اُهاءُ سان ڌنڌ ڌڪاءُ” واري ٻُڌڻ واري عڪس جي مدد سان هجڻ نه هجڻ واري مونجهاري واري ڪيفيت جو بيان اسان تائين تصوراتي (Conceptual) نوعيت جي اڻ چِٽي عڪس نگاري سان پهچائي ٿو.
عڪس نگاري دنيا جي ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ به ملي ٿي. جاپاني صنف هائيڪو ته عڪسي شاعري جي علامت سمجهي ويندي آهي جيڪا سنڌي شاعريءَ جي صنف پڻ بڻجي وئي آهي. مغرب ۾ عڪسي شاعريءَ جي باقاعدي تحريڪ هلي ان تحريڪ پاران Imagist رسالو به شايع ٿيو (4). اهي شاعر سڏبا ئي عڪس نگار (Imagist) هئا. پهرين عالمي لڙائي کان ٿورو اڳ شاعرن جو اهو گروھ عڪس نگار طور مشهور هو جنهن ۾ ازرا پائونڊ، ايمي لوويل، ٽي.اِي هيوم، رچرڊ آرلنگٽن، ۽ هلڊا ڊولٽل گهڻو مقبول هئا. کين يقين هو ته پڪو، صاف عڪس شاعريءَ لاءِ لازمي آهي (5). انهيءَ سلسلي ۾ هنن لکيو ته عڪس پيش ڪرڻ جو مقصد اهو نه آهي ته اسين چترڪار آهيون.(6). اڳ ذڪر ٿي چُڪو آهي ته عڪسن جا نمونا يا قسم انساني حواسن سان سلهاڙيل ڄاڻايا ويا آهن.ماڻهو جي حواسن جي لحاظ کان عڪسن جي جيڪا ورهاست ڪئي وئي آهي، انکي عڪسن جا قسم به چئي سگهجي ٿو. انساني حواسن جي حوالي سان عڪس نظري ) (Visual ، سنگهڻ جي حواس سان تعلق رکندڙ (Olfactory) ، آواز يا ٻُڌڻ جي حواس سان تعلق رکندڙ (Auditory)، ڇهڻ جي احساس وارو (Tactile) چکڻ يا ذائقي جي حواس (Gustatory) ، محسوس ڪرڻ وارو يا تجريدي (Abstract) ۽ چُر پُر يا تحرڪ سان لاڳاپيل (Kinaesthetic) هوندا آهن (7). ڪجهه ماهرن اهو به لکيو آهي ته هڪ عڪس ٿڌي گرم جي تاثر کي وري پيدا ڪرڻ وارو عڪس (Thermal) ٿيندو (8). منهنجي خيال موجب هن عڪس جو تعلق دراصل ڇهڻ واري عڪس سان ئي آهي. لساڻ، کهراڻ، گرم، سرد جي احساس جو تعلق ڇهڻ واري حواس سان ئي آهي. اڪثرحالتن ۾، عڪس پوري طرح ، مڪمل يا مجموعي طور هڪ يا ڪا الڳ شئي نه هوندو آهي؛ عڪس ٻين عڪسن جي اوٽ وٺن ٿا ۽ اندروني طرح گڏجن ٿا ۽ تنهنڪري اهي گڏيل به هوندا آهن. اهڙي طرح چرپر وارو عڪس نظري عڪس به لڳندو آهي (9). هن ڳالهه کي هن ريت به بيان ڪري سگهجي ٿو ته اها شاعر جي فنڪارانه صلاحيت هوندي آهي جو شاعريءَ ۾ عڪس اهڙي ريت جوڙي ٿو جو بظاهر هڪ عڪس هوندو آهي پر ان عڪس ۾ جزوي طور ٻيو عڪس به موجود هوندو آهي. هڪ عڪس ۾ ٻيو عڪس به گڏيل هوندو آهي جنهنڪري ان کي گڏيل عڪس چئي سگهجي ٿو. استاد بخاريءَ جي هيٺئين شعرن تي غور ڪرڻ سان اها ڳالهه آسانيءَ سان معلوم ٿي ويندي.
“واھ ڪپر تي، نرم ڇٻر تي،
ٽالهين هيٺان ويهندو آهيان”.
“ٿڻ ڇڪيندي، کير ڏهندي،
وينگسون ڪيڏيون وڻن” (بخاري)
پهرئين شعر ۾ بصري عڪس آهي ان ۾ ڪم آيل لفظ “نرم” ڇُهڻ” واري (Tactile) عڪس جو احساس اُڀاري ٿو. ساڳي ريت با ڪمال شاعر بخاري جي ٻئي شعر ۾ بظاهر نظري عڪس (Visual) آهي پر لفظ “ڇڪيندي” ۽ “ڏُهندي“ چُرپُر واري Kinaesthetic)) عڪس جو تاثر جاڳائن ٿا. ايئن گڏيل عڪسن جا مثال استاد بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ جَجهي مقدار ۾ سمايل آهن. ان کانسواءِ هڪ شعر ۾ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ عڪسن جي استعمال واري فن سان به بخاريءَ جي شاعري نهايت شاهوڪار آهي. استاد بخاري لفظن ۾ ساھ وجهندڙ شاعر ته آهي ئي پر هيءُ قومي عوامي شاعر، شاعريءَ ۾ لفظن جي آڌار تي عڪس سموهي ماڻهوءَ جي احساسن ۽ جذبن ۾ ساھ وجهڻ جي هنر جي به بلندي کي ڇهيو آهي. استاد بخاري عڪس نگاريءَ جي مڙني قسمن کي شاعريءَ ۾ ڪم آندو آهي. سندس شاعريءَ عڪس نگاريءَ جو ڀنڊار آهي. استاد بخاري هڪ شعر ۾ گڏيل يا گهڻن عڪسن جو پڻ استعمال ڪيو آهي. هت سندس شاعريءَ ۾ عڪس نگاريءَ جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.
نظري عڪس ) (Visual
هيءُ عڪس ڏسڻ واري حواس سان تعلق رکن ٿا جيڪي متحرڪ ۽ غير متحرڪ به ٿي سگهن ٿا. استاد پنهنجي شعرن ۾ نظر وارا يا بصري عڪس گهڻي تعداد ۾ شامل ڪيا آهن ۽ ڏسڻ واري حواس سان شعر ۾ شامل ڪيفيتن جي شدت جو تاثر پيدا ڪري ٿو.
(1) تون جو منهنجي هنجهه ۾، تارا چنڊ ڪتي،
برهه آهي بتي، ساڻ سدائين سوجهرو (بخاري)
(2)“ چڙهيو چاڙهو چوٽ، ٻڌي چيلهه چَمند” (بخاري)
(3)“ اکين مٿان ٻُڪ، رکي جُڳ ڏسي ويس” (بخاري)
(4) هڪڙي هٿ ۾ نير، ٻيو هٿ ٻڌل کير ۾
پٽن پيٽ ڪُٽين پر،اندر آس اڪير،
تن تي تاڻيل تير، جن جو مهڙ ملير ڏي. (بخاري)
سنگهڻ واري حواس جو عڪس (Olfactory)
هن عڪس جي قسم ۾ سنگهڻ جي حواس ذريعي سوچ جو عڪس جوڙيو ويندو آهي. بُوءِ جو تاثر سان عڪس جي نشاندهي ٿئي ٿي. هيءُ عڪس سنگهڻ واري حواس وسيلي نئين سر جذبا جاڳائي ٿو.
(1)هتان جي هٻڪار، پري کان پڌري گهڻي
عطر چيٽ ڇٽي ڇڏي، مشڪ ونڊي وڻڪار،
کَٽي جي خوشبوءِ ڪري کڙهه تي کيڪار،
مِهرين ۾ مهڪار، ميندي پگهر تيل جي. (بخاري)
(2 )باغ تنهنجو بدن، واس تنهنجي وهي،
سربسر آهين هٻڪار هڳاڻ تون . (بخاري)
(3) ڪلفٽن ڪنٺار، هيرون ويرون روشنيون
بُڇي ککيءَ بانس ۾ هيڏي هي هٻڪار . (بخاري)
(4)هاريندو هٻڪار، آيو سُرهو قافلو
مهڪيو ڏين مبارڪون، واٽون ۽ وڻڪار،
عطر جا انبار، ڀينر کوڙ ڀنڀور ۾ (بخاري)
(5) ميندي لاتي منڌ، ڀمڀي هت ڀنڀور ۾
ساڳيا لال سڳنڌ، ونڊيا ٿي وڻڪار ۾ (بخاري)
ٻُڌڻ جي حواس سان تعلق رکندڙ عڪس (Auditory)
هن عڪس جو ٻُڌڻ واري حواس يا آواز سان واسطو هوندو آهي. آواز جي سنگم سان جذبن ۾ جنبش اجاگر ڪري ٿو ۽ ماڻهوءَ جي ڪيفيتن ۾ تحرڪ پيدا ڪري ٿو.
(1)موسيقي ماحول ۾، تنهنجي سانت سنگيت،
گُهورون ڇيڙن گيت، مرڪون شرنايون وڳيون. (بخاري)
(2)“ڇڻڪن ٿا ڪنگڻ، ڦڙڪين تون فنڪار ٿو” (بخاري)
(3)سُرندا دوتارا، جهولن ڪنڌ سروز تي
اچن الا توهار تي، وهمي ويچارا،
جيئي گاجي شاھ چئي، گونجارن نعرا،
مَنجهن موچارا، سوچن ۽ سڌرن پيا. (بخاري)
(4) ڪوئل جي ڪو ڪو،
پرڀايم پئي پاڻکي-
ڇرڪايم ڌُوڌُو. (بخاري)
ڇهڻ جي حواس واروعڪس (Tactile)
هن عڪس ۾ ڇهاءُ يا ڇهڻ واري حواس جي مدد سان پڙهندڙ جي ذهن ۾ عڪس جي علامت جُڙندي آهي. هن ۾ نرمي، لساڻ، کهراڻ، گرمي، سردي، سوڄ يا جسماني ڇهاءُ جو عڪس اُڪيريل هوندو آهي.
(1)“چُميو چاھ چپن کي، پهر به گذريو پل” ( بخاري)
(2) “مشڪڻ موتي، چُم چُم چندن، سُر پُر سرهو هار” (بخاري)
(3) هٿ هٿ کا موڪلايو
چپ چپ کان موڪلايو
تو در تي الودا ڪئي
نازڪ بدن جي نرمي
ڳاڙهن ڳلن جي گرمي
مون پيار جي غذا ڪئي . (بخاري)
(4) “سونهن ڇڪڻ دي، سڪ چُهٽڻ دي شڪتي هي” (بخاري)
(5) رات اوندهه مينهن اوٿر هانو ڦاڙ ڪڙ ڪڙ ۾
پوءِ به چُمندو وڄ ڪرندڙ جو شباب آهيان. (بخاري)
(6) “تنهجا نياپا چمان چپن وانگي” (بخاري)
(7) چُم ته چُمون چانڊوڪي، ڇو جو
چانڊوڪي ڪو چٽڪو آهي. (بخاري)
(8) هن چُميون ڏيندي پڇيم ڍؤ ٿيئي؟ چيم
مينهن ۾ مهراڻ جو ماپو نه ڪر. (بخاري)
چکڻ جي حواس وارو عڪس (Gustatory)
هن عڪس وسيلي شاعر ذائقي جو احساس اڀاريندو آهي. ذائقي ۾ کٽاڻ، چهراڻ، مٺاڻ، ڪؤڙاڻ وغيره اچي وڃن ٿا.
(1)“ماکي مصري کان مٺا، تو وارا ماڻا” (بخاري)
(2) مصري لڳي جي ڪُرڪي ڏين
ماکي مٺي جي مرڪي ڏين
وهه جي وٽي ڪرين نهڪر . (بخاري)
(3) “چاهت سُرڪ چکي. ڄڻ ڪي باھ بَکي” (بخاري)
تجريدي (Abstract)
تجريدي عڪس ۾ اڻ چٽين شين يا تصورن جي عڪس بندي هوندي آهي. هيءُ محسوسيات جي عڪس نگاري هوندي آهي جيڪا ڇهين حس ئي آسانيءَ سان لکائي يا ڇُهي سگهي ٿي جنهن جو اظهار بخاري پاڻ به ڪري ٿو.
(1)اڀ وٽي ڍيرو، لاڳيتو دل رين جو
ڌاڳو آڌيرو. اونداهو ۽ سوجهرو. (بخاري)
(2) ڇهين ساڻ ڇهاءُ، پنجئي پورا ڪين پيا
جانب تنهنجي جوڙ تي، جلوا جوت جڙاءُ،
اُهاءُ ئي اهاءُ، سُجهي سُجهندي ريءَ نه ڪي. (بخاري)
(3) موتو قبل مينڌرو، موتو پڻ مومل،
جڳ جڳ جيئرا سي ڏنا، جيون جن کي جل،
نانهن منجهان نرمل، آهن اُجرا آنهن جا. (بخاري)
(4) ڪير ڪنڀار آ، ڪير آ ڪوري
جڳ کي چرخو يا چڪ سمجهو (بخاري)
چُرپُر يا تحرڪ سان لاڳاپيل عڪس (Kinaesthetic)
هيءُ عڪس چرپر يا تحرڪ جي چترڪاري چئي سگهجي ٿي جنهن سان شعر ۾ شيون تحرڪ ۾ يا چُرپُر ڪندي محسوس ٿينديون آهن. عڪس هلڻ، گهمڻ ڦرڻ، چُرڻ، لرزش، اڇلڻ، اُلارڻ، اُلرڻ، ڊوڙڻ، ڊڪڻ، اچڻ وڃڻ، نچڻ، پنڌ ڪرڻ وغيره جو احساس اُجاگر ڪري ٿو.
(1)ناز مُڪو نوتو، آيو گهرجين اوچتو
پيار چيو پهتو، آيو هان آواز تي. (بخاري)
(2) رمبا رنبا رقص تي، ريهون ۽ رامڀاٽ.
ڪوئي ڊوڙي ڪيترو. (بخاري)
(3) پير گرڻ ۾، ديد ڌٻڻ ۾، واهون ووڙيندو.
ايندو ويندو ڪو. (بخاري)
(4) “گهاگهائيندو پيو گهمي، ويچارن ويراڳ” (بخاري)
(5) چوطرف ڀونءِ جي چڪر ڪاٽي
قرب ۾ ماهتاب قابو آ. (بخاري)
(6) هلو سنڀالي سنڀالي لتاڙجي نه وڃو.
اچي مڪار جي منهن ۾ چٻاڙجي نه وڃو. (بخاري)
(7) تکو گهوڙو ڊُڪي ڪيڏو نظر هسوار جي اڳتي
زمانو تيز تنهن کا تيز تر پنهنجو قدم هوندو. (بخاري)
ٿرمل عڪس ((Thermal
مٿي ذڪر اچي چُڪو آهي ته ٿرمل عڪس جو لاڳاپو ڇهڻ واري حواس سان هوندو آهي. هيءُ گرمي يا وري سرديءَ جي محسوسيات جو عڪس هوندو آهي. استاد بخاري هِن قسم جي عڪس نگاريءَ کي پڻ وڏي پيماني تي استعمال ڪيو آهي. بخاري پنهنجي اڪثر شاعري ۾ هن عڪس کي مختلف ڪيفتن کي اڀارڻ لاءِ اعلى صلاحيتن کان ڪم ورتو آهي. استاد بخاري ٿرمل عڪس جي سهاري سان شعر ۾ شديد ڪيفيتون ۽ احساس چٽيا آهن جن کي پڙهندي پڙهندڙ جا احساس به ٿڌاڻ ۽ ڪوساڻ جي ڪيفيتن ۾ گھيرجي وڃي ٿو.
(1)“سيارو سيرون سيءُ، تڙڪو طلبي تَنُ ”
(2)“سيارو پارو جهڙ، سنهڙا سياندا ساهه ۾”
(3) گيتن کي گرمي ڏيان رڳ رڳ ٻاري راڳ،
“اهڙي تکي آڳ، سرديءَ کي ساڙي رکي.
(4)گيتن کي گرمي ڏيان، بڻجن آهون باهه،
ڪوسا ڪوسا ساھ، سرديءَ کي ساڙي وجهن (بخاري)
گهڻا يا گڏيل عڪس (Combined)
هن سلسلي ۾ به اڳ ۾ بيان ڪري آيا آهيون ته جڏهن هڪ شعر ۾ هڪ عڪس سان گڏ ٻيا عڪس به موجود هوندا آهن. هڪ شعر ۾ اهي ٻه يا ٻن کان وڌيڪ عڪس گڏيل هجن ته گڏيل يا گهڻا عڪس چئبا. ڪڏهن ڪڏهن ته بظاهر هڪ ئي عڪس معلوم ٿيندو آهي پر غور ڪرڻ سان اهو عڪس ٻيو عڪس به هوندو آهي. اهي گڏيل عڪس الڳ الڳ شعرن جي نسبت سان بيان ڪرڻ بهتر ٿيندو.
ٿرمل۽ چر پر وارا ٻه گڏيل عڪس
(1)گيتن کي گرمي ڏيان، تيز تپائي تند،
سردين سنڌ سٽي وڌا، ڏڪڻ، ٿڙڪن ڏند
ٻاري راهون رند، پانڌي پنڌ پگهاريان . (بخاري)
ٿرمل ۽، سنگهڻ وارا ٻه گڏيل عڪس
(2)نمن جون ڇائون وڍيون، سرنهن جي سرهاڻ
داڻي پاڻي ڪاڻ، سرهڻ سونهن ڳڀا ڳڀا. (بخاري)
ٿرمل، چُر پُر ۽ ٻُڌڻ وارا ٽي عڪس
(3)پاڇو ۽ تڙڪو، سامهون ساڻ کنيو وتان،
ڀوميءَ جيڏو ڀروسو، اڀ جيڏو اڊڪو،
هوا ۾ ڦهڪو، صدا ۾ سوڀون وڄن. (بخاري)
چرپر ۽ ٻڌڻ وارا گڏيل عڪس
(4)موج سرندي ۽ دنبوري ساز تي
ناچ جهمريون
راڳ يڪتاري گهڙي پڪواز تي،
چنگ بوڻينڊا، پنن جون پُوپرِيون سينڍون وڄن. (بخاري)
ڇهاءُ ، ٻڌڻ ۽ چرپر وارا عڪس
(5)لڱين لڱ لڳا، نچيون رڳون نينهن جون
دليون دهل وڳا، جوڀن پاتيون جهومريون. (بخاري)
چُرپُر ۽ سنگهڻ وارا عڪس
(6“)مون آندي لالاڻ، تو لاتي سُرهاڻ” (بخاري)
ڇهاءُ، نظري ۽ چُرپُر وارا
(7)مان توکي اچي چهٽان
شيطان لڇي پيا ڇو؟
مهراڻ گهڙي تڙڳان
طوفان اٿي پيا ڇو؟ (بخاري)
نظري، سنگهڻ ۽ چُرپُر وارا عڪس
(8)ڪلفٽن ڪنٺار، هيرون ويرون روشنيون
بُڇي ککيءَ بانس ۾ هيڏي هي هٻڪار،
مڇرائج ماٺار، ڇولين جان ڇڇڪي مٺا. (بخاري)
ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارا
(9)لهرن وچ لئو، هينئر هو ته وڃن پيا
ناکا نال نئو، ڪوڪان روڪيو ٻيڙيون. (بخاري)
نظري، چر پر ۽ ٻڌڻ وارا
(10)نڪتي پير ننگي، واڪيندي وڌندي وڃي
نانگن ڏنگي تيز ٿي، جهنگن ڪانه ونگي،
ڏکيا لڪ لنگهي، ڏوريندي ايڏانهن وئي. (بخاري)
ٿرمل، چُرپُر ۽ نظري گڏيل عڪس
(11)تَتِي ڌُپ اڱڻ تي، ٿڌي نم جي ڇانءُ،
پَون پُور لُڇيو پَوان، پُسيو پوي هانءُ،
اڳيان کيڏان آنءُ، ابو امڙ چِلم تي. (بخاري)
مٿي جيڪي شعر ڏنا ويا آهن سي شعر گڏيل عڪسن وارا آهن. اڪثر شعرن ۾ بظاهر هڪڙو عڪس محسوس ٿئي ٿو پر غور ڪرڻ سان انهن عڪسن ۾ هڪ کان وڌيڪ عڪس شامل يا انهن جي پس پرده معلوم ٿيندا. ڏنل شعرن ۾ پهرئين شعر ۾ لفظ “گرمي”، “سردي” ٿرمل عڪس جي نشاندهي ڪن ٿا ته لفظ “ڏڪڻ “ ۽ “ٿڙڪڻ” چُرپُر يا متحرڪ عڪس آهن. ٻئي شعر ۾ “ڇائون” ٿرمل، ته “سرهاڻ” ۽“ سرهڻ ” سنگهڻ واري حس جي ذمري ۾ ايندڙ عڪس آهي. ٽئين شعر ۾ “پاڇو” ۽ “تڙڪو” ٿرمل، “کنيو وتڻ” چرپر ۽ “ڦهڪو” ، “صدا” ۽ “وڄڻ” ٻُڌڻ يا آواز وارن عڪسن سان تعلق ڏيکارين ٿا. چوٿين شعر ۾ “موج” ۽ “جهمريون” چرپر وارا ۽ شامل ٿيل سڀئي ساز ٻُڌڻ يا آواز واري عڪس کي واضع ڪن ٿا. ساڳي ريت پنجين شعر ۾ “لڱين لڱ لڳڻ” ڇهاءُ وارو، “نچڻ ” يا “جهمريون” چرپر وارا ته “وڳا” ٻُڌڻ يا آواز سان واسطو رکندڙ عڪس ٺاهن ٿا. ڇهين شعر ۾ “آندي” چرپر، “سرهاڻ” سنگهڻ جو عڪس جوڙين ٿا. ستين شعر ۾ “چهٽان” ڇهڻ، “لُڇي”، “اچي”، “گهڙي” ۽ “تڙڳان” متحرڪ يا چرپر وارا ته “تڙڳڻ” سان گڏ سڄو شعر نظري عڪس جو مظهر آهي. اٺين شعر ۾ بهرين سٽ ۾ نظري ۽ ٻي سٽ ۾ سنگهڻ، “ڇڇڪي” لفط ٻُڌڻ يا آواز وارو عڪس آهي. نائين شعر ۾ “لِئو“ نظري سان گڏوگڏ متحرڪ عڪس جو تاثر جوڙي ٿو ته “ڪُوڪان” ٻُڌڻ ياآواز وارو عڪس آهي. ڏهين شعر ۾ “واڪيندي” ٻُڌڻ جي حواس سان “وڌندي”، “تيز ” ۽ “ڏوريندي” چرپر وارو ۽ باقي سڄو شعر نظري عڪس جو اولڙو آهي. يارهين شعر ۾ “ تتي”، “ڌُپ”، “ڇانءُ” ٿرمل، “لڇان” ۽ “کيڏان” چرپر وارو ته “ابو امڙ چلم تي” نظر وارو عڪس آهي. انهيءَ سڄي شعر تي نظري عڪس حاوي نوعيت ۾ نڪتل آهي.
مون اڳ ۾ گذارش ڪئي آهي ته استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو سدا حيات شاعر ۽ سگهارو سرجڻهار آهي جنهن جي شاعري فن جي ٻين پهلوئن سان گڏ عڪس نگاريءَ جو پڻ ڀنڊار آهي. وٽس شاعريءَ جي ٻين فني لوازمات وانگر عڪس نگاريءَ جي فن تي به دسترس نظر اچي ٿي. سندس شاعريءَ مان عڪسي شاعريءَ جي چونڊ ڪجي ته انهيءَ شاعريءَ جو به هڪ الڳ ضخيم ڪتاب جُڙي سگهي ٿو. مون سندس شاعريءَ ۾ عڪس نگاريءَ جي صرف هڪ جھلڪ ڏيکاري آهي. انهيءَ جهلڪ ۾ به ڪجهه کوٽون نظر اينديون. هڪ کوٽ اها ڀانيان ٿو ته انهن عڪسن کي شاعريءَ ۾ سموهڻ وقت استاد بخاري ڪهڙي مهارت کان ڪم ورتو آهي ۽ ٻي اها ته انهن عڪسن ۾ استاد بخاري ڪهڙين ڪيفتيتن کي ڪهڙي ڪماليت سان چِٽيو آهي. بهرحال سندس عڪسي شاعريءَ پنهنجي جوهر ۾ جديد سنڌي شاعري جو باڪمال ۽ املهه خزانو آهي. جنهن ۾ جذبن ۽ ڪيفيتن کي استاد بخاري وڏي فنڪارانه صلاحيت ۽ نوع ۾ عڪس بند ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن ٻئي مضمون ۾ سندس اُن ڪماليت کي بيان ڪرڻ جي جسارت ڪندس.
حوالا ۽ ڪتاب
(1)تنوير عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سال1989ع، ص. 86
(2) جي.اي (J.A) ڪڊن، ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ لٽرري ٿيُوري، پينگئن، ٿرڊ ايڊيشن، سال 1991ع ص. 43_442
(3)جي.اي (J.A) ڪڊن، ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ لٽرري ٿيُوري، پينگئن، ٿرڊ ايڊيشن، سال 1991ع) ص.443
(4 ) تنوير عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سال1989ع، ص.89
(5) جي.اي (J.A) ڪڊن، ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ لٽرري ٿيُوري، پينگئن، ٿرڊ ايڊيشن، سال 1991ع ص.444
(6)تنوير عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سال1989ع، ص.89
(7)جي.اي (J.A) ڪڊن، ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ لٽرري ٿيُوري، پينگئن، ٿرڊ ايڊيشن، سال 1991ع) ص.443
(8 )تنوير عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، سال1989ع، ص.87
(9) جي.اي (J.A) ڪڊن، ڊڪشنري آف لٽرري ٽرمس اينڊ لٽرري ٿيُوري، پينگئن، ٿرڊ ايڊيشن، سال 1991ع، ص.444
(10)ا ستاد بخاريءَ جي شاعريءَ جا ڇپيل ڪتاب.

Advertisements

Give us your feedback

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s