The characters of Mokhi Matara and Shah Latif’s universal though موکي متارا ڪردار ۽ شاھ لطيف جو عالمي فڪر (عزيز ڪنگراڻي

موکي متارا ڪردار ۽ شاھ لطيف جو عالمگير فڪر

عزيز ڪنگراڻي

شاھ عبداللطيف ڀٽائي سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو عظيم  شاعر آهي جنهن جي شاعري  ۾ فڪر ۽ ڏاهپ جون جڙون  سندس ذاتي وسيع مطالعي ۽ سماجي مشاهدي  جي اونهي سمنڊ  ۾کتل آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس اعلى  سوچ ۽ شعور جي عروج جون سرحدون لاحد ۽ عالمگيرآهن. شاعريءَ ۾ اهو ڪمال شاھ لطيف اهڃاڻي اظهار وسيلي ئي سموهيو آهي جنهنڪري سندس شعر ۾ فڪر ۽ خيال جون حدون ۽ سرحدون  زمان ۽ مڪان کان آجيون آهن. هن گهڻو تڻو سنڌ ۾ رائج ۽ سنڌ جي سرزمين سان لاڳاپيل قصن، ڪهاڻين ۽ آکاڻين جي ڪردارن کي علامتي انداز ۾  ڳاتو  ۽ شاعراڻي سوچ ۽ ڏاهپ  جي دائري ۾ وسعت ۽ آفاقيت پيدا ڪئي. شاھ جو شاعراڻو فڪر زمان ۽ مڪان جي قيد کان ان معنى ۾ آزاد آهي ته هن هڪ پل کي صدين ۾ سهيڙيو ۽ سمايو آهي. چند ڪردارن جي ويس ۾  دنيا جي هر انسان جو چهرو ڏيکاريو آهي. چند ڪهاڻين جو حوالو ڏئي هر ان ڪهاڻي جو تجزيو ڪيو آهي، جا دنيا جي  ڪنهن به ملڪ ۾ زنده حقيقت  طور ٻُڌي ۽ ٻُڌائي پئي وڃي. (1 ) سندس اظهار ۾ آفاقيت سندس اهڃاڻي ۽ علامتي اسلوب جي خوبي جي ڪري آهي، اُنڪري شاھ هر دؤر ۽ هر زماني جو، ديس ۽ دنيا جو مفڪر شاعر آهي.  سندس شاعريءَ جي مطالعي منجهان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ لطيف جا اهڃاڻ رڳو مادي حقيقتون ناهن پر معنوي اشارا به آهن. سندس ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار رڳو انسان ناهن پر ان کان گهڻو اڳتي آفاقي حقيقتون آهن. (2) شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تصوف جي فڪر تي غور ڪبو ته هڪ سيڪيولر سوچ فڪر وارو صوفي رهبر نظر اچي ٿو.  شاھ  صاحب صوفي شاعر هو  پر تصوف جي ان مسلڪ جو  قائل نه هو  جيڪو انسان کي تارڪ الدانيا بڻائي ڇڏي ٿو  .شاھ  صاحب  ان جي ابتڙ زندگي کي ماڻڻ جي تعليم ڏني آهي . شاھ صاحب  “طلب“ جو طرفدار آهي .سندس خيال ۾ “طلب “ هڪ  متحرڪ روح افزا  ۽ محو ۽ مشغول رکندڙ عمل آهي ڪنهن شيءِ کي ڳولڻ ۾ جيڪو انتظار،  چاھ ، هورا کورا ٿيندي آهي اها ان خوشي کان گهٽ نه آهي جا ان کي حاصل ڪرڻ تي  حاصل ٿيندي آهي،(3) انهيءَ لحاظ کان شاھ انسان جي  “نفسياتي ڪيفيتن” جو فطري شارح آهي، جو سندس اعلى شعور  ڄڻ انساني ڪيفيتن سان هم راز آهي. شاھ جي اعلى شعور جي انفراديت انهيءَ ۾ آهي جو  کيس پنهنجي ذاتي  حال ۽ مشاهدن ذريعي انساني رشتن، خاص طرح محبت ۽ پيار جي نازڪ مرحلن  تي اڀرندڙ اندروني احساسن ۽ نفسياتي ڪيفيتن جي پُوري ڄاڻ  ۽ آگاهي شامل آهي. (4 ) انهن ڪيفيتن، آدرشي سوچن ۽ خيالن جي آگاهي اهڃاڻ وسيلي بيان ڪري  ان کي هر دؤر ۽ هر صديءَ جي ڌڙڪن ۾ سمائي لافاني بڻايو . شاھ لطيف جو فڪرصرف پيار محبت  يا تصوف تائين محدود ناهي. هن آفاقي ۽ آدرشي انسان، سنڌي سماج جي مسئلن ۽ مامرن جو به باريڪ بينيءَ سان مشاهدو ڪيو ۽ انهن بابت گهري فڪر جي اپٽار ڪئي. شاھ  اهڙواعلى آدرشي رهبر هو جنهن جو سُٻنڌ عام ماڻهن سان سلهاڙيل هو. سندس شاعريءَ ۾ ڳاتل ڪردارن جو جائزو وٺون ٿا ته هن انهن ڪردارن ۽ ڌنڌن کي اهميت ڏني جن جو تعلق يا واهپو غريبن سان هو يا سندن مثبت  يا بهترروش عام اٻوجهه ماڻهن ڏانهن مائل هئي. مارئي جي نسبت سان مارئي سان گڏ شاھ لطيف ملير جي ماروئڙن کي اوليت ڏني آهي ۽ انهن جي نفسياتي ڪيفيتن جو مهندار بڻيل آهي  ۽ اهو اظهار فڪري توڙي فطري حوالي سان وطن ۽ وطن دوستيءَ جو لازوال، عالمگيري ۽ ڪائناتي پيغام آهي ۽ سندس اهو فڪر نه صرف سندس دور جو پر هر دؤر جو ترجمان آهي.  شاھ لطيف جي سورمن ۽ سورمين تي نظر ڪبي ته اهي پورهيت (عام) طبقي مان ئي هئا، جن کي هن کان اڳ دنيا جي عظيم شاعرن شاعري مان نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. (5) مطلب ته  دنيا جي شعري ادب جو جائزو وٺون ٿا ته ان ۾ اڪثريت سان درٻار يا مٿئين طبقي جي ترجماني ۽ ان جي شان شوڪت جي واکاڻ  ملي ٿي پر شاھ لطيف مٿئين طبقي بجاءِ هيٺئين ۽ پيڙيل طبقي جو رهنما  بڻجي اُن  ڪهاڻي  جي هر اُن ڪردار جي واکاڻ ڪئي جيڪو عام اجاريندڙ، عام جو ڌُر ۽ پاسدار رهيو. ڇاڪاڻ ته  شاھ لطيف جا ڪردار رڳو ڪردار ناهن. شاھ لطيف جا سُر رڳو ڪهاڻيون ناهن. شاھ لطيف جي سسئي رڳو ڌوٻيءَ جي ڌيءُ ناهي. شاھ لطيف جي مارئي رڳو مارن جي ڇوڪري ناهي. اهي ڪردار، پنهنجي ڪردار واري حيثيت کان اڳتي وڌي، اهڃاڻي طور تصور (Conception ) ٿي وڃن ٿا. (6)  اهڙن ڪردارن ۾ سنڌ ۾ مشهور ڏند ڪٿائي ڪهاڻي يا آکاڻي جا ڪردار موکي متارا به  شامل آهن جيڪي شاھ لطيف جي  شاعريءَ ۾ اهڃاڻي طور اعلى آدرش،  ڏاهپ، ڏات ۽ ساڃاھ جو امر تصور به آهن.

موکي ۽ متارن جي ڏند ڪٿا

موکيءَ ۽ متارن بابت آکاڻيءَ تي غور ڪجي ٿو ته آکاڻي جي بيان ۾ ئي وڏا تضاد موجود آهن. هن آکاڻيءَ يا قصي جي باري ۾ اسان جي عالمن ۽ محققن جي بيان ۾  فرق سبب آکاڻيءَ جي صحت ۽ هيئت مشڪوڪ ٿي وڃي ٿي.  انهن روايتن جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته ڪلاڙڪي ڌنڌي جي نسبت سان موکي متارن بابت ڏند ڪٿائي ڪهاڻي مشهور هُئي پر سربستو بيان ڪنهن وٽ به نه هئو. جنهن کي جيئن آيو ٿي بيان ڪري ٿي ڇڏيائين. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ  ٽي روايتون  درج ڪندي لکي ٿو ته “چون ٿا  جڏهن مومل وڃي ڏاگهه چڙهي تڏهن سندس ٻانهي ناتر چيو ته هت ڪهڙو منهن وٺي ويهان؟ سو مال متاع کڻي سنڌ جي اڀرندي سرحد ڇڏي، الهندي جو رخ رکيائين. آخر اچي گڏاپ واري پَٽ ۾ پهتي، جتي اچي خيما کوڙي ويهي رهي.  اڳئين غم ٽارڻ لاءِ، هن شراب چڪائڻ جي بٺي بنائي مئخانو مچايو جتي پري پري کان پياڪ اچڻ لڳا. ڪجهه عرصي بعد ناتر هتي شادي ڪئي ۽ کيس ڌيءُ ڄائي، جنهن جو نالو رکيائين “موکي.” ان کان پوءِ  ٻه ٻيون ڌيئون ڄايس جن مان هڪ جو نالو “سونگل” ۽ ٻيءَ جو نالو سڦوران. موکي ماءُ سان گڏ انهيءَ ڀيڻي تي رهي باقي سونگل ۽ سڦوران پسگردائي ۾ پرڻايون ويون”. ٻي روايت موجب لکي ٿو “ڳالهه ٿا ڪن ته  ڪنهن زماني ۾ سنڌ ۾ ڪلالن (ڪلاڙن) جو پاڙو رهندو هو. سندن شراب جي هاڪ هر هنڌ هئي، جنهنڪري پري پري جا ماڻهو شوق ۾ ڇڪجي ايندا هئا. انهن جي اڳواڻ کي سڪي پني هڪڙي  سدا ملوڪ ڌي ڄائي هُئي جنهن جو نالو موکي رکيائين. سندس پيءُ  گذاري ويو،  جنهنڪري پيءُ جو سمورو ڪاروبار موکي پنهنجي سر پاڻ هلائڻ لڳي. انهيءَ زماني ۾ سِري (وچولي) ۾  ست جوان رهندا هئا سي متارا سڏبا هئا. اهي ست جوان گهوڙن تي چڙهي ملڪ پيا ووڙيندا هئا. سندن گذران  ڦر ۽ چوري تي هو.  جڏهن ته ٽين  درج ڪيل روايت ۾  لاڳاپو ئي الڳ آهي. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو، “ڳالهه ڪندا آهن ته  برهمڻ آباد  شهر ۾  موکي نالي هڪڙي سهڻي عورت رهندي هئي، جنهن جا مائٽ ڪلاڙڪو ڌنڌو ڪندا هئا. جڏهن موکي جا مائٽ گذر ڪري ويا، تڏهن موکي به مائٽاڻو ڌنڌو اختيار ڪيو.”  (7)  هن قصي کي ع.ق شيخ  رقم ڪندي ٻُڌائي ٿو ته “مومل ۽ سومل  ڪي اڪيليون ڪين هيون، هنن سان گڏ شاهي محل ۾ سڄو اٽالو هو. نوڪر چاڪر  نوڪراڻيو ۽ ٻانهيون به هيون. سڀني کان سرس ته ٻانهي ناتر به هُئي. هُوءَ ست پيڙهين  کان ٻانهي هُئي. رنگ محل ۾ رهڻ واري ناتر کي ٽي ڌيئرون هيون. موکي، سونگل، سڦُوران. موکي سڀني ۾ وڏي هُئي. موکي سرڳ جي اپسرا ڪيئن نه ٿئي؟ راجا نند جي راڻي کيس پاليو هو ته ناتر ان کي نپايو هو. مومل جي ڏاگهه چڙهڻ کان پوءِ  ڪاڪ کان عمر ڪوٽ (امر ڪوٽ) اُتان خوف ۾  واپس ڪاڪ وڃڻ بدران  پنهنجي ٽنهي ڌيئرن ۽ مال سان اچي ڪؤنڪر جبل وٽ رهي. (8)

ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل هڪ روايت موجب مومل جي ٻانهي ناتر کي موکي ۽ ٻيون ڌيئرون گڏاپ ۾ ڄايون ۽ ع.ق شيخ موجب  ناتر کي موکي ۽ ٻيون ڌيئر   راجا نند جي محلات ۾  رهندي ڄايون هُيون. جڏهن ته ڊاڪٽر گر بخشاڻي شاھ جي سهيڙيل رسالي ۾ مومل جي داستان واري بيان ۾ نه  ناتر جي شراب واري اهڙي ڪِرتِ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ نه  ئي سندس ڌيئرن جو ذڪر ڪيو آهي.  بهرحال ڪلالڪي ڌنڌي جي نسبت سان سنڌ سان تعلق رکندڙ  هيءُ آکاڻي سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان مشهور هئي ته شاھ لطيف جي زماني  ۾ پڻ عوام ۾ اڳ وانگر مقبول هئي.  شاھ لطيف هن آکاڻي کي سنڌ جي عوام ۾ مقبوليت جي ڪري اهميت ڏني.  شاھ لطيف جو موکي متارن واري ماڳ جو مشاهدو به ڪيل ڀانئجي ٿو. ان زماني ۾ هتان کان لاهوت توڙي هنگلاج ڏانهن رستو ويو پئي جيڪو اُتر طرف حب ندي پار ڪرڻ کان پوءِ لاهوت. ۽ اولهه طرف وندر کان يا حب کان هنگلاج  جا گس نڪتا پئي.هاڻ به لاهوت ڏانهن هتان رستو نڪري ٿو. هن رستي سان جوڳين، سنياسين، کاهوڙين  يا لاهوتين سان گڏ لاهوت يا  هنگلاج  جي سفر تي ويندي، موکيءَ جي موجوده ماڳ وٽان  گذرندي، متارن جي قبرن جو مشاهدو ڪندي پڻ لکائجي ٿو. اهو انومان سندس هيٺئين بيت منجهان بَکي ٿو، جنهن ۾ سَري يا شراب جي بَٺن يا بَٺيُن جي ڀرسان متارن جي بُٺيُن يا قبرن جي هجڻ ڏانهن اشارو موجود آهي:

موکي مَٺو نه گُهريا،  وِِهُه نه وهاٽيا،

سُرڪي ڪاڻ سيد چئي ، اتي ٿِي آٽيا،

جي ڳالِن ڳڱاٽيا، تن بَٺن پاسي بُٺيون. (9)

آکاڻي بابت قياس آرايون

ڪن محققن اهو ڄاڻايو آهي ته موکي جي باري ۾ پوءِ به تاريخ ۾ ڪجهه نه ڪجهه احوال ملي ٿو پر متارن جي باري  ۾ اڃا تائين ڪا تصديق ٿيل ڄاڻ ملي نه سگهي آهي. انهن تي متارو نالو ڪيئن پيو؟؟  علائقي سريءَ  جي حوالي سان متارن جي معنى ۽ مفهوم تي بحث ڪندي جهڙي ريت روايتن ۾ متارن کي سري (وچولي) جا ڌاڙيل ڄاڻايو ويو آهي تهڙي ريت متارن کي پالاري  ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. (10) هن قياس آرائي ۾ متارن بابت ڪو ويساھ جوڳو دليل يا انومان درست نه ٿو لڳي. متارو (Mataro’) اڄ به اسپين جي هڪ صوبي جي گادي واري شهر جو نالو به  آهي ته اسپين ۾ ٺهندڙ انگوري  ذائقي واري ڳاڙهي شراب (Mataro’ or Monastrell) جو نالو به آهي جيڪو آسٽريليا ۾ به (Mataro or Mourvedre) طور مقبول آهي. انٽر نيٽ تي کوج (Search) سان مٿيون شيون ڳولي سگهون ٿا. توڙي جو نالي ۾ تمام گهڻي مماثلت موجود آهي پر اسين ان حوالي سان قطعي تصديق ڪري نه ٿا سگهون ته متارو لفظ اسپين مان سفر ڪري هتي پهتو يا رائج ٿيو يا سنڌ مان سفر ڪري اسپين ۾ رائج ٿيو. ڇاڪاڻ ته ان جي تصديق لاءِ تاريخي حوالي يا مقامي زميني حقيقت جو ملڻ ضروري آهي.  ٻئي طرف امرڪوٽ يا همير سومري جي دور جي روايت سان منسوب هجڻ ڪري هيءُ آکاڻي نيم تاريخي طور  سومرن جي دور سان ته وابسته ڪري سگهجي ٿي پرتاريخي چئي نه ٿي سگهجي. سگهڙن يا روايتي بيانن تحت هن ڪهاڻي کي تاريخ  يا هن قصي بابت تاريخ هرگز ڪوٺي نه ٿو سگهجي.  ٻيو ته خود موکي لاءِ ئي تاريخي طور ڪٿي به  ڪو اهڙو حوالو موجود ناهي ته موکي ناتر جي ڌيءُ هُئي يا وري متارن کي مئي پياريندي هُئي. قصي بابت صرف روايتون ئي ملن ٿيون جيڪي سيني به سيني هلنديون ۽ تبديل ٿينديون آيون. شاھ لطيف جي انتهائي اهم پارکُو ڊاڪٽر گُربخشاڻي پنهنجي رسالي ۾ قياس آرائي طور موکي بابت درج ڪيو آهي ته “موکي يعنى مڌ وڪڻندڙ، ڪلال، مئي فروش، پير مغان، شايد موکي فارسي “مغ” يا “موغ”  جي بگڙيل صورت به هجي.” (11) ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ دهرائي آهي ته “هن داستان جي پهرين روايت ۾ مومل جي ٻانهي ناتر جو ذڪر آهي جنهن جي معنى ته  سومرن جي دور ۾ مومل راڻي جي داستان کان پوءِ هيءُ افسانو اُسريو. البت مئخاني ۽ مئخوارن واري منظر جو تصور آڳاٽو معلوم ٿئي ٿو، غالبن اهو تصور سنڌ ۾ ايراني تمدن جي اثر جو يادگار آهي. زردشتي متن جا مهندار مغان هئا. مئي جو دور سندن رسومات  جو جز هو. ۽ مُغ  ( =  مُک)  سندن وڏو ساقي ۽ مئخواري جي رسم جو  مهندار هو. سنڌي ترڪيب جي لحاظ کان ساقي عورت کي  “مغي” چئي سگهجي ٿو، ۽ لفظ موکي غالبن  مُغي  جي ئي تبديل ٿيل صورت آهي.” (12 ) ان جي وڌيڪ وضاحت ڪندي ڊاڪٽر بلوچ ڄاڻايو آهي ته “هن داستان  ۾ سَري  ڌڻين ڪلاڙن، بٺيدارن، ڪلاڙڪي هٽ ۽ ميخاني،  ساقي  موکي ميخوار  ۽ متارن جا اهڃاڻ  ۽ اشارا  آندل  آهن انهي ماحول جو سلسلو ٻئي دور  ۾ فارسي ذريعي صوفيانه  حال جي اظهار  لاءِ ايراني تمدن  مان آندل ڪناين ۽ اشارن سان ملي ٿو. ان روايت ۾ مرشد طرفان مريد کي الاهي عشق جا  پيالا پيارڻ ۽ پير مغان جو ساقي ٿي محبت  جي ميخوار  کي پيالا پيارڻ وارين تشبيهن کي آندو ويو،  ۽ پير ۽ مرشد  جي مسند ۽ ماڳ مقام کي  عشق الاهي جي ميخاني مثال ڪري ڀانيو ويو . فارسي شاعري ۾ ميخاني  ۽ ميخوار ي وارا اهي ڪنايا  ۽  اهڃاڻ  آڳاٽي ايراني تمدن  مان ورتا ويا  جتي جا  مهندار  مغان هئا ۽ ميخواري سندن مذهبي رسومات  جو جز هو. پير مغان مان مراد مغن جو پير  يعني سڀني مفن جو  وڏو هو  ان جي هٿان پيالي ملڻ کي ڪنهن به حالت  ۾  موٽائڻو ڪونه هو بلڪه پير مغان جي امُر  ۽ ارشاد جي هر حالت  ۾ پيروي ڪرڻي هئي، ڇاڪاڻ جو هو وڏي راز ۽  ڄاڻ وارو هو.  پنجين صدي عيسوي  ۾ سنڌ  تي جڏهن ايران جي ساساني شهنشاهن جو سياسي  غلبو ٿيو، تڏهن کان غالبا مغن جي  ميخاني ۽  ميخواري واري  رسم پڻ ايران کان سنڌ جي ڏکڻ الهندي  واري ڀاڱي تائين  پهتي.  مغ سنڌي  اچار موک ميخواري جي ر سم جو مهندار  يا ساقي هو . انهي لحاظ سان ساقي عورت  مغي هئي جنهن کي سنڌي لهجي واري اچار  ۾  موکي  سڏ يو ويو. ميخوارن لاءِ  متارن جو لفظ  رائج ٿيو.”  (13 ) ڪن ٻين محققن به ڊاڪٽر گربخاڻي ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ان بيان جو ورجاءُ ڪيو آهي ۽ موکيءَ ساقي (Bar Woman) ڪوٺيو آهي جيڪو تاريخ سان ناانصافي جهڙو عمل آهي. (14 ) جڏهن ته  فيرواز اللغات اردو،  لفظ مُغ جون ٻه معنائون ڏنيون آهن. مغ جي هڪ معنى آتش پرست، باهه جي پُوڄا ڪندڙ، گبر، مجوسي ۽ ٻِي معنى ڪلال، مئي فروش ۽ جمع مغان ڏني آهي. (15) ۽  پيرِ مغان جون  ٽي معنائون درج ڪيون آهن، پهرين آتش پرستن جو پيشوا، آتش خاني جو مجاور  ٻِي طنزيه  طورگُرو گھنٽال، مخدوم  ۽ ٽين معنى شراب وڪڻندڙ ڏني آهي. (16) فيروزاللغات جي  ڏنل معنى منجهان واضع ٿئي ٿو ته  شراب جو ساقي سڏجندڙ “مغ” يا “پير مغان” سان ڪو  به تعلق ناهي ۽ ظاهر ٿئي ٿو ته زرتشتي پيشوا شراب نه پياريندا هئا. اهي صرف مذهبي ترغيب ڏيندا هئا.

جڏهن “مُغِي” جو بغور جائزو وٺجي ٿو ته مٿي بيان ڪيل “مُغ” جو نه  ترڪيبي طور سنڌي ٻوليءَ سان تعلق جُڙي ٿو نه ئي اُن جي بگاڙ  لڳي ٿو. مٿي ذڪر آيل آهي ته فيروزاللغات “پير مغان” يا “مُغ” جي معنى الڳ ۽ ڪلاڙ يا مئخوار جي معنى الڳ ڏ.ني آهي. مريد کي شراب پئاريندڙ طور معنائون درج ئي نه ڪيون آهن. جيڪڏهن سنڌي لفظ موک يا موکا جو به موکي سان تعلق نه ٿو لڳي، جنهن جي معنى ڇوٽڪارو ، نجات، ڀيٽا يا نذرانو ڏنل آهي. (17)  ۽ نه ئي مُک يعنى منهن يا مُکي يعنى اڳواڻ يا سردار (18) سان تعلق نه آهي ته مُغِي سان موکيءَ جو شراب جي ڪري زرتشتين بابت انومان به صحيح نه ٿو لڳي. جهڙي ريت سنڌ ۾ ڪلاڙڪو ڌنڌو قديم زماني کان موجود رهيو جنهن جا آثار سنڌو تهذيب  مان به مليا آهن تهڙي ريت شراب جومذهبي پسمنظر به سنڌ ۾  تاريخ کان اڳ واري دؤر کان وٺي رهيو آهي. دنيا جي مڃيل قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمدار ڳوٺ علي مراد (جوهي) وٽ ملندڙ قديم آثارن جي روشني ۾  اُن کي ڪئلڪوليٿڪ دؤر جو ماڳ قرار ڏيندي انهن آثارين منجهان پاڻي يا مَٺي شراب (Liquor ) لاءِ ٺڪر جي گلدان جهڙن سوراخدار ٿانوَ ن  (perforated Pots)  جي ملڻ جي تصديق ڪندي لکي ٿو  ته اهي موهن جي دڙي منجهان به مليا آهن ۽ اهڙن سوراخدار  ٿانوَن  (Perforated Pots) جو تعلق ويدڪ دور سان آهي. انهن جو ذڪر اٿرويد ۾ پڻ آهي. شراب سان  رڱڻ يا رچائڻ جي قرباني لاءِ ڪُنڀي (Perforated Pot)  جو استعمال خاطري سان ويدڪ دور ۾   ٿيندو هو.  (19 )

هن سلسلي ۾ عرض ڪجي ته جيئن تضاد زندگيءَ جي حُسناڪيءَ  ۾ شمار ٿئي ٿو تيئن شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ تضاد جي خوبصورتي به جاءِ بجاءِ نظر اچي ٿي. موکي متارن لاءِ چيل بيتن ۾ به تضاد واري خوبي موجود آهي. تضاد جي اها حُسناڪي موکي ۽ متارا جي ڪهاڻي جي صحت تي به روشني وجهي ٿي ته آکاڻي جي باري ۾ شاھ لطيف جي جهڙوڪر ادراڪ يا راءِ کي به ظاهر ڪري ٿي ته سندس دور ۾ بيان ٿيندڙ قصي جو سربتو احوال موجود نه هو. شاھ لطيف جيڪو قصو عام ماڻهن کان ٻُڌو هو سو تڏهن به مونجهاري جو شڪار هو ته متارا ڪيئن مُئا؟؟  شاھ هڪ بيت ۾ اظهاري ٿو ته متارا موکي جي مَٺي مَنڌ يا مَڌُ نه ماريا  هئا پر سندس ويڻ يا مهڻي يعنى وِھاٽيل شراب واري ڳالهه ٻُڌندي ئي مُئا هئا. ٻِئي بيت ۾ موکي متارن کي مَٺو نه ٿي گُُهري يعنى موکي جي متارن سا ن ڪا دشمني نه هُئي ته کين ڪيئن ۽ ڇو ماريندي؟ ڳالهين  ٺاري يا ماري ڇڏيا. اهي “ڳالهيون” يا “سخن” وِھُ واري شراب بابت ٻُڌڻ واريون به آهن ته علامت طور  ڏاهپ واريون به آهن. ٽئين بيت ۾ وري سڌو سئون موکي لاءِ جيڪو بيان ڪري ٿو سو واضع ڪري ٿو ته موکي ئي متارا ماريا هئا. انهيءَ کان علاوه سندس شعر ۾ ٻِي ڳالهه اها به سواليه بڻيل آهي ته مٽ ۾ نانگ مُئو هو يا ٺَرو رکيئي ازخود وهاٽجي ويو هو؟ جنهن ڪري به شاھ لطيف وٽ پهتل قصي جي حوالي سان اهو تضاد وارو  شاعراڻو حسن بَکي ٿو:

سري ڪينَ ڪيو، ويڻ موکي جي ماريا

ڪو جو  سخن  ڪلاڙ جو،  پِتي تي پيو،

تهان پوءِ ٿيو ، مرڻ متارن جو. (20 )

موکي مَٺو نه گُهريا،  وِِهُه نه وهاٽيا،

سُرڪي ڪاڻ سيد چئي ، اتي ٿِي آٽيا،

جي ڳالِن ڳڱاٽيا، تن بَٺن پاسي بُٺيون. (21)

موکي چوکي نه ٿئي ،اصل اوڇي ذات،

وٽيون ڏئي وات، متارا جنهن ماريا. ( (22)

گربخشاڻي اوڇي جي معنى ڏيندي وضاحت ڪري ٿو ته ڪلاڙ يا ڪلاڙڪو ڌنڌو معاشري جي اخلاقيات موجب گهٽ حيثيت رکن ٿا. صوفي جي نظر ۾  ڪلاڙ اعلى درجي جا انسان آهن. صوفي مرشد ڪامل کي  ڪلاڙ يا موکي انڪري سڏيندا آهن جو جيئن ڪلاڙ گراهڪن کي نشئي ڪري ٿو تيئن مرشد  مريدن کي عشقِ الاهي سان مخمور ڪري ٿو. (23) اهو اوڇو سڏجندڙ، اهڃاڻ طور اعلى درجي وارو انسان،  ڏات ۽ ڏاهپ ڌڻي به آهي جيڪو مت جي متوالن کي فڪر جي مخموري آڇي ٿو. سماج ۾ سونهون بڻجي ڀٽڪيل کي راھ ڏسيندڙ سرواڻ  به آهي. اُن اهڃاڻ جو تفصيلي  ذڪر اڳتي ايندو.

مٿئين بحث جي وچور ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته آکاڻي موکي متارا بلاشڪ آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾ رائج ۽ مقبول هُئي  پر ڪهاڻي سربستي ڪيئن هُئي يا موکي ۽ متار ڪير هُئاا؟ تاريخي طورسا سُڌ پوڻ نهايت مشڪل آهي. البت آکاڻيءَ جو تعلق ڪنهن ٻِيءَ تهذيب سان نه پر سنڌُو تهذيب ۽ سنڌ سان هو ۽ عوام ۾ مشهور هُئي، جنهنڪري شاھ لطيف ان کي اهميت ڏني ۽ ڳاتو آهي. شاھ لطيف آکاڻي کي نه صرف عوام ۾ مقبوليت سبب اهميت ڏني هُئي پر ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته شاھ لطيف اهي قصا ڪهاڻيون يا ان جا ڪردار تمثيل طور ڳاتا آهن جن جو ڳانڍاپو سنڌ سان هو. عوام ۾ ته عربستاني قصو ليلى مجنون  ۽ ايراني شيرين فرهاد ۽ ٻين قصن سان گڏ پنجاب جو قصو هير رانجهو به تمام گهڻومقبول هئا پر شاھ لطيف انهن کي شعر جو موضوع هرگز  نه بڻايو. ڇاڪاڻ ته لطيف صرف هڪ شاعر جو نالو نه آهي پر لطيف بذات خود هڪ اتهاس ۽ ان اتهاس جو پيامبر آهي جيڪو سنڌي ڪلچر، ان جي رَوين، ان جي زبان، قومي وجود ۽ روحاني حال حقيقت جي نمائندگي ڪري ٿو.  لطيف زندگي جو شاعر آهي، انڪري وٽس زندگي جي مختلف رخن، انساني جذبات ۽ روين جي وڏي پاسداري آهي. وٽس سنڌي ڪلچر ۽ تاريخ جا رويا نهايت مضبوطي سان موجود آهن. (24)  ساڳي ئي پسمنظر ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب خود امين بڻجي لکي ٿو ته “موکي  ۽ متارا  سنڌ جي تمدني  تاريخ جي لحاظ کان، هي هڪ  نهايت انوکي ۽  عجب قسم جو داستان آهي. جنهن ۾ مئخاني ۽ مئخوارن جو منظر نمايان آهي.  معنوي لحاظ سان، ساقي (موکي) ۽ مئخوارن (متارن) جي ڪردار جي  گهري نفسياتي پهلو کي جنهن نزاڪت سان نروار ڪيو ويو آهي سو پڻ سٽاءِ جي لحاظ  سان هن داستان جي بلند ذهني معيار جي ساک ڀري ٿو. مرڪزي نڪتو هي آهي ته مستي ۽ مدهوشي  ۾ جڏهن ماڻهو تي طلب ۽ شوق جو جذبو غالب آهي،  نقصان جو  خيال ته درڪنار پر نقصان  جو عمل ۽ اثر به زائل ٿي وڃي ٿو مگر  هوش ۽ خبر واري  واري حالت ۾  محض زيان جو احساس پڻ موت جو ڪارڻ بڻجي ٿو. انهي نفسيات جي عملي  تصوير هن داستان جي جان آهي، ۽  انهي لحاظ سان سنڌ جو  هيءُ  افسانو، دنيا جي بهترين افسانن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو.” (25)  مطلب ته هن داستان جو پسمنظر توڙي پيشمنظر ۽ تصور ٻاهريون نه پر مقامي آهي. سو موکي ۽ متارن جي ڪردارن جي تاريخي حقيقت ۽ حيثيت معلوم ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم آهي.  هن  قصي جي باري ۾  حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ قياس آراين بجاءِ تاريخي کوجنا وسيلي تاريخي دليل يا حقيقت جي بنياد تي راءِ قائم ڪئي وڃي ته بهتر آهي. اُن ڏس ۾ موکي متارن جي ماڳ تي ملندڙ قديم آثار به مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

اهڃاڻي ڪردار موکي متارا ۽ شاهه جو فڪري پهلو

موکي، متارن ۽ مئخاني جو موضوع، شاھ جي شاعري جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ ملي ٿو. شاھ لطيف سنڌ ۾ رائج قصن، داستانن يا آکاڻين کي پيرائتو نه ڳاتو آهي. هن انهن جي ڪردارن کي به اهڃاڻ جو لباس اوڍيو آهي. شاھ لطيف رُڳو صوفي يا علامتي محبت جو امين ناهي پر زندگي ۽ سنڌي سماج جو عظيم شارح پڻ آهي.  شاھ سنڌ جي زراعت، واپار، هنر، ڌنڌن يا ڪِرتن سان گڏ انهن  سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي زندگيءَ ۽ انهن جي اوزارن حيلن، وسيلن يا ٻين شين کي مشاهدي جي باريڪ بينيءَ سان پروڙيو ۽ پرکيو. شاھ وقت  ۽ حالتن جي نبض تي هٿ رکي نه صرف زندگيءَ پر زندگي جي هر پهلو جي سلسلي ۾سنڌي سماج، ان جي مذهبي، سياسي، سماجي، معاشي، اقتصادي، ثقافتي رجحانن، لاڙن ۽ نفسياتي ڪيفيتن کي اهڃاڻ جي سهاري ڪمال جي حد کي ڇُهندي اظهاريو آهي، سندس تصور ڪائناتي آهن، جنهن سبب سندس ڏاهپ  جو ڄڻ ڇيهه ئي نظر نه ٿو اچي. شاھ لطيف انهن قصن يا ڪِرتن يا انهن ڪِرتن جي اصطلاحن کي شاعري وسيلي  محفوظ ڪري ان کي تاريخ جو ويس پارائي ڇڏيو. شاھ انساني ڪيفيتن جي بيان وقت جيوت، وڻ ٽڻ، پکين، جانورن، ڌڻن، ڌنارن، چَڙن، سازن، ڪردارن توڙي تڏهوڪن عام مُروج ڌنڌن جي اصطلاحن يا اوزارن کان اهڙي ته  ڪماليت ۽ نزاڪت سان معنى وٺي ٿو جو سندس شعر انساني ڪيفيت جو عالمي آئينو بڻجي پوي ٿو  ۽ ماڻهو سندس فڪري گهرائي تي ڏھ ڀيرا سوچڻ تي مجبور ٿيو وڃي، سر يمن ڪلياڻ جي  پهرئين ۽ ٻئي داستان جو موضوع درد يا سُور آهي پر هت زرعي ڪِرت جي لحاظ کان سُر حُسيني ۾ ٻائڙ ٻَڌي نار ۽ سانگهاري جي  اصطلاحن وسيلي جيڪا درد جي ازلي ڪيفيت بيان ڪري ٿو ان ۾ درد جي شدت جو ڄڻ نه ڪو انت آهي نه ڪو  پار آهي.

سُورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪون ڪيو

آيل اوڀارو، ٻائڙ ٻَڌو ٻوڙ وهي، (26)

پاڻي جي کوٽ وقت  پاڻي گڏ ٿيڻ لاءِ سمورا نار بيهارڻ کي سانگهارو چئبو هو ۽ هت ٻائڙ جو مطلب  نار جي جسامت آهي. نار جي ڍينگي ۾ لوٽا يا لوٽيون پُورت (Fix)  هونديون هيون ته ٻائڙ ٻَڌا سڏبا هُئا. منهنجي ذاتي مشاهدي موجب هڪڙا لوها نار سورهيا يعنى سررهن لوٽن وارا ۽ ٻيا  ارڙهيا يعنى ارڙهن لوٽن وارا هوندا هئا. پاڻي جي کوٽ وقت لوٽا وڌائبا هُئا ته اهو ٻائڙ ٻَڌو نه سڏبو هو.  هڪ ڪسي، ڪُورِ يا واٽر ڪورس تي ڪافي نار هوندا هئا.  پاڻيءَ جي کوٽ وقت پُڇڙيءَ وارا نار نه پلبا هُئا ته سانگهارو ڪيو ويندو هو. انهيءَ سانگهاري جو وڏي آواز ۾ اعلان ڪيو ويندو هو ته سڀ نار هڪئي وقت بيهاريا ويندا هئا  ۽ پاڻي گڏ ٿيندو هو ته سانگهاري ختم ٿيڻ جو  به اعلان ٿيندو هو ۽ سڀ نار هڪئي وقت وهڻ شروع ٿيندا هئا. شاھ لطيف مطابق ته سورن ۾ سانگهاري يا کوٽ جي نوبت ئي ناهي درد ۾ ايتري واڌ ۽ شدت آهي جو ٻائڙ ٻَڌو نار جو ڍينگو لوٽن ۽ اوڀارن سميت ٻُڏو ٿو وهي. درد جي ڪا ڀيڻي يا ڪو ڪاٿو ڪونهي. اهو شاھ لطيف جي اعلى ڏات ۽ فڪري سگهه جو ئي ڪمال آهي جنهن اهي زرعي اصطلاح ڪم آڻيندي درد جي انتها واري ڪيفيت کي آفاقي بڻائي ڇڏيو آهي.

سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر ڪلياڻ مفهوم جي لحاظ کان هڪٻئي جا جهڙوڪر پڙلاءُ آهن. سُرڪلياڻ ۾ سوري، اَڏيُن، ڪاتين، ڪلاڙڪي هٽ تي ڪُسڻ، سڪ جي سُرڪين، مَڌُ يا مَنڌُ، شراب، حبيبن، طبيبن، ۽ دوا دارُون جو ذڪر آهي ته ٿوري گهڻي ڦيرگهير سان سُر يمن ڪلياڻ ۾ به ويڄن، واڍوڙين،  لوهارن، سانداڻين، ڌنوڻين طبيبن، درد دارون، آڳڙين، تير ڪمانن، پتنگن. مئيخوارن، شراب يا سَري وغيره جا موضوع اهڃاڻي نوع ۾ سموهيل آهن. اُهي موضوع علامتي اظهار ۾ شاھ لطيف جي ڏاهپ  ۽ عظيم فڪر جو مظهر آهن. انگريزي شاعر ڪولرج لکيو آهي ته“ڪنهن خاص شئي کي عام شئي ۾ آروپار ڏسڻ يا ڪنهن آفاقي حقيقت کي عام شين مان حاصل ڪرڻ يا ڪنهن ازلي سچ کي عام وقتي ۽ فاني شين مان حاصل ڪرڻ جو نالو آهي اهڃاڻ” هو چوي ٿو، “ اهڃاڻ ازلي حقيقت کي سمجهه لائق بڻائڻ جو نالو آهي.” (27) لطيف پڻ اهڃاڻي ڪردارن ذريعي  تصوف جون رمزون به  اوريون آهن  ته سنڌ ۾  موجود ڪِرتُن ۽ ڪِرت سان سلهاڙيل ڪردارن جي نفسيات يا ڪيفيت کي اهڃاڻ ۾ نروار ڪيو آهي. ويڄن ڪُويڄن، حڪيمن ۽ طبيبن جي اطوارن جي نسبت سان وسيع ۽ زمان ۽ مڪان کان آجي ڳُوڙهي سوچ جو اهڙو عڪس پيش ڪيو آهي جيڪو هر دور جو اولڙو پڻ آهي. داراصل اهڃاڻ اهو آهي جنهن وسيلي شئي، زيده يا مرده، جيڪا ڪنهن ٻي  شئي جي نمائندگي ڪري يا ان جي مفهوم لاءِ ڪم اچي سو اهڃاڻ سڏبو آهي. (28)  شاھ لطيف پڻ پنهنجي سماج ۾ سندس مشاهدي ۽ مطالعي هيٺ آيل  شين يا ماڻهن کي علامتي انداز ۾ ڳائي انهن منجهان اعلى يا ڪائناتي خيال اخذ ڪيو آهي.

ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ علامه آءِ آءِ قاضي جي ترتيب ڏنل رسالن موجب سُر يمن ڪلياڻ جي داستان چوٿين ۾ موکي متارن جي اهڃاڻي اپٽار شامل آهي.  شاھ لطيف لطيف برابر نيم تاريخي لوڪ داستانن جو سهارو ورتو آهي پر شاھ لطيف رڳو قصي خوان يا داستان گو ناهي. هن جي هر ڪهاڻي  هڪ آفاقي حقيقت ڏانهن اشارو آهي. هن جو  هر ڪردار ڪنهن نه ڪنهن جذبي، احساس يا ڪيفيت جي نمائندگي ٿو ڪري. (29) قصي موجب  موکي ڪلاڙڻ يا ڪلالڻ ته آهي پر هت ڪلاڙ ڻ يا ڪلاڙ هڪ ڏاهي، ڏات ڌڻي يا ڏاهپ جو وکر ورڇيندڙ  اعلى آدرشي اڳواڻ يا رهبرجو اهڃاڻ آهي جنهن وٽ دانش،  دانائي ۽ فڪر جو سودو آهي. اهو سودو مَڌُ يا سَرو  نه پر مت ، ڏاهپ يا ڏات آهي جنهن جي اُڃ اُساٽ ۾ متوالا متارا مِڙن ٿا. شراب ساڃاھ، سُرت ۽ مت جي علامت آهي ۽ متارا اُن جي حاصلات لاءِ ايندڙ  ماڻهن جو اهڃاڻ آهن. اها ساڃاھ يا مت ڪهڙي آهي؟ دراصل اها مت  يا آفاقي سوچ ڪنهن هڪ مڪتب فڪر، مسلڪ يا نظرئي جي محتاج ناهي. اها پوري انسان جي لاءِ اهڃاڻي طور ڪائناتي آدرش جو تصور آهي.  شاھ لطيف ڏاهپ ڀريئي ۽ فڪر انگيز انداز ۾ اُن مت ڏانهن اشارو ڪيو آهي ۽  اها مت آفاقي بڻجي وئي آهي. ڀلي صوفي عشق الاهيءَ جو عرفان چئي يا ڪو ٻيو، ان مان ڪا ٻي مُراد حاصل ڪري! اُن مت يا ڏاهپ جا ڪيئي رُخ آهن:

وٽ وٽ وٽي ۾، مٽ  مٽ منڌ ٻيو ،

قدر ڪيف ڪلاڙن جو، پياڪن پيو،

اچن درس دڪان تي، ڪنڌ قبول ڪيو،

سرها سر ڏئو، چکن سرڪ سيد چئي. (30)

هر وٽيءَ ۾  پيل سَري جي الڳ الڳ وٽ يا ذائقو آهي ۽ هر مٽ ۾  سانڍيل شراب نئون يا جُدا جُدا آهي ان جي لذت جو قدر پياڪن وٽ آهي جنهن لاءِ ڪنڌ ڏيڻ کان نه ڪيٻايائون ويتر سَرهائي منجهان سرڪ چکي سر ڏنائون. ڏاهپ جي ان مرڪز ي رهنما جي فيض، فڪر ۽ ڏاهپ جا ڪيترائي رنگ، رخ ۽ وهڪراآهن جن جو قدر صرف انهن وٽ آهي جيڪي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ حياتيءَ جي پرواھ نه ڪندي اچي مِڙن ٿا. موکي جي ڪردار جي اهڃاڻ ۾ شاھ گهڻ پاسائين ڏاهي  ۽ سندس گهڻ رُخي ڏاهپ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. جيڪا فڪر ۾ نهايت گوناگون آهي. اُن مت لاءِ شاھ واضع ڪندي متڪلم جو صيغو ڪم آڻي ٿو:

ڪلاڙنئون ڪاءِ، مت نه سکئين مون هنيان

روئيندي رات وهاءِ،  چڪائيندي بٺيون. (31)

اُن مت، سُرت يا ساڃاھ جي حاصلات  لاءِ واجهائيندڙ سُور ۽ سختيون سهن ٿا. ايتري تائين جو زندگيءَ به داءُ تي لڳائن ٿا.  موکي متارن بابت بيتن ۾ “وِھُ” ۽ “قاتل”  جهڙا اهڃاڻ شامل آهن. ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو ته “وِھُ”، “ڪڙو” ۽ “قاتل” ساڳيو سوري واري مفهوم جو اهڃاڻ آهن،  اهو اهڃاڻ رڳو موت جو ناهي پر ان سان گڏ شراب هجڻ ڪري ٿورو لطف ۽ ٿورو خمار به ان موت ۾ شامل آهي، جنهن جي ڪري موت جو تصور رومان سان پُر ٿيو پوي.  (32) اهي لفظ هيٺ ڏنل بيت  ۾ به ساڳي اهڃاڻ ۾ ڪم آيا آهن. جن ۾ شاھ فڪر  ۽ ساڃاه جو سبق حاصل ڪندي مت ۽ فڪر جي متوالن کي وِھُ به ماکي ڀانئڻ يا موت جي ڪَڙاڻ کي به امرِت  سمجهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو:.

قاتل ڪمائي ڪري، وِهُه  ماکِي جي ڪَن ِ،

وٽان ويهي تَنِ،  پِيچ َڪي پيالِيون. (33)

ساڳي طرح  “ڪرٽ”، “ڪٽارو”، “خنجر” يا “ڪاتي” به  موت ۽ موت جهڙين حالتن کي به مئخاني جي ماڪ جهڙي ترڪيب سان رومانس جي علامت ۾ پيش ڪيو  ويوآهي. ڪلاڙڪي هٽ تي انهن شين جي هجڻ جو ڪو به منطقي پسمنظر نه آهي. لطيف انهن شين ڏانهن اشارو ڪندي، ساڃاھ ۽ سُرت جي سُرڪي ۾ مسرور ٿي مقصد، ماڳ يا فيض جي حُصول لاءِ سِرُ جي سٽ جوڙڻ واري فڪري سگهه  پيدا ڪري ٿو:

ڪنڌ ڪٽارو، منهن وٽي عادت جنين ايءَ،

تنين تِڪون ڏنيون، جَنبي منجهان جيءَ،

سَرو  تَن سبيءَ، جن حاصل ڪيو حال کي. (34 )

سر ڏيئي سٽ جوڙ، ڪنهن پر ڪلاڙن سين

ڪاتي، ڪرٽ ڪيار ۾ ،خنجر آڻي کوڙ،

مرڻا منهن مَ موڙ،  وٽي ٿي وڌ لهي.(35 )

شاھ لطيف جو سنڌي سماج ۾ ساھ کڻندڙ ماڻهن  ۽ انهن ماڻهن جي رَوَشن، سماجي قدرن، مذهبي لاڙن ۽ رجحانن، ڌنڌن، پکين ۽ جانورن جي خصلتن يا عادتن، موسمن ۽ ٻين شين جي سلسلي ۾ مشاهدو اونهي عميق جيان آهي. هُو جڏهن ڪتڻ واري ڌنڌي ۽ ڪاتارين جو ذڪر ڇيڙي ٿو ته پُوري سنڌ جي معاشي صورتحال جو عڪس پيش ڪري ٿو. سندس هر ڪردار ۽  هر قصي جي  پسمنظر ۾، سندس هر شعر ۾  الڳ مشاهدو جهلڪندي نظر اچي ٿو. جڏهن اُتر واءُ لڳي ٿو ته موکي سَري وارا مٽ کولي ٿي. اُتر واءُ لڳندو آهي ته سرديءَ جي موسم جي اچڻ جا اهڃاڻ ظاهر ٿيندا آهن. اُتر واءُ گهلڻ سان سياري جي مند اچڻ وارو مشاهدو سندس هڪ  بيت جي سِٽِ “سَر نسريا پاند، اُتر لڳا آءُ پرين” ۾ پڻ واضع موجود آهي، پر  موکي متارن جي اهڃاڻ ۾ چيل سندس بيت جي سِٽِ “آڻي اتر واءَ ، موکي مٽ اُپٽيا” جي پسمنظر ۾ وري اڃان ٻيو مشاهدو موجو آهي. جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته “انگُوري شراب اونهاري ۾ چڪائيندا آهن ۽ پوءِ مٽ ڀري ڇڏيندا آهن ته ڀل پيو پچي. جڏهن سيارو شروع ٿيندو آهي ته اهي مٽ کوليندا آهن.” (36) انهيءَ منجهان موسم ۽ موسم جي تبديلي سان گڏوگڏ سَري جي تيار ٿي وڃڻ بابت لطيف جي مشاهدي جي سگهه يا وسعت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.  شاھ جي بيان منجهان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته  آفاقي ۽ ڪائناتي فڪر، ڏاهپ، مت يا ساڃاھ جا متوالا يعنى متارا به ڪشالا ڪري، مسافريون ۽ مسافتون ڪاٽي، پراهان پنڌ لتاڙي، لاهوتين، کاهوڙين، جوڳين، پرڀاتين ۽  سنياسين جيان جهر جهنگ ووڙي ڏاهپ، ڏات ۽ فڪر جي مرڪزي ماڳ تي، ڄاڻ جي سَري جي سُرڪ ۽  سُرت، سَمڪ جي کيپن ۽ خمارن لاءِ اڪثر سياري  ۾ اچي مِڙندا هئا ۽ ڏاهپ ڌڻيءَ کي ڏاهپ جي  بُونداباري جي ورکا جي وينتي ڪندا هُئا ۽ اصرار ڪندا هئا ته فيض ۽ فڪر جي پُر ڪيف  ماڪ وساءِ ته ان جي هاڪ هنڌين ماڳين مشهور ٿئي يا پهچي:

آڻي اتر واءَ ،  موکي مٽ اپٽيا،

متارا تنهن ساءَ ، اچن  سِرسنباهيو. (37 )

وجهج واٽاڙئن تي، ميخاني جي ماڪ،

ٿيندي  سڌ سڀ ڪنهين، هنڌ هنڌ پوندي هاڪ،

پره جا پياڪ،  جِههُ  سي آڱڻ آئيا. (38 )

موکي متارا جي ڪردارن جي اهڃاڻ ۾ شاھ لطيف جي فڪر ۾ نه صرف سنڌ پر عالمي ۽ آفاقي سطح تي اعلى انساني قدرن، آدرشن ۽ سوچن جي اپٽار موجود آهي. اهڙي ڳُوڙهي ۽ اونهي مت يا ساڃاھ ڏانهن اشارو آهي جيڪا سنڌ سان گڏ پوري دنيا جي لاءِ  مشعل راھ آهي ته روشني به آهي.

ڪتاب ۽ حوالا

(1) شيخ اياز، لطيف جو انسان ۽ انسانيت جو لطيف،  محمد مٺل وڪاسي،  سانا، آمريڪا،  2014ع، ص.33

(2) تنوير، عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع  ص.142

(3  شيخ اياز، لطيف جو انسان ۽ انسانيت جو لطيف،  مرتب محمد مٺل وڪاسي،  سانا، آمريڪا،  2014ع ، ص 31

(4) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، شاھ جو رسالو جلد پهريون ، شاھ لطيف ثقافتي مرڪز، 1989ع ص.180

(5) تنوير، عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، ص.35

(6) تنوير، عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، ص.301

(7) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ  ، مشهور سنڌي قصا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1964ع

(8)  ع ق شيخ،  محبت جي راھ تي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،  1998ع)

(9 )ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع،  ص.99

(10)گل حسن ڪلمتي،  ڪراچي سنڌ جي مارئي،  نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي ، 2014 ع ص،445

(11) ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع، ص.188

(12) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ  ، مشهور سنڌي قصا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1964ع، ص،4

(13) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، شاھ جو رسالو جلد پهريون ، شاھ لطيف ثقافتي مرڪز، 1989ع، 13 ص 227

(14)  ذوالفقار علي ڪلهوڙو، جرنل آف ايشين سولائيزيشن. واليوم 35، 2012ع، ص،106

(15)  مولوي فيروزالدين، فيروازاللغات نيو ايڊيشن، ص.1266

(16) مولوي فيروزالدين، فيروازاللغات نيو ايڊيشن ، ص.327)

(17) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، هڪ جلدي سنڌي لغت، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2006ع، ص.650

(18) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، هڪ جلدي سنڌي لغت، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2006ع، ص. 626

(19) نوني گوپال  مجمدار ، ايڪسپلوريشنس ڳِن سنڌ، انڊس پبليڪيشنس ڪراچي، 1830ع، ص.91

(20)  علامه آءِ آءِ قاضي، شاھ جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1993ع، ص، 38

(21) ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع،  ص.99

( 22) )  علامه آءِ آءِ قاضي، شاھ جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1993ع،  ص، 38

(23 ) ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع،  ص.189

(24  محمد حسين ڪاش، لطيف جو انسان ۽ انسانيت جو لطيف، محمد مٺل وڪاسي،  سانا، آمريڪا،  2014ع. ص.13

(25) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ  ، مشهور سنڌي قصا، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1964ع

(26 )  علامه آءِ آءِ قاضي، شاھ جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1993ع،  ص. 530

(27) تنو تنوير، عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، .ص.142

(28)جي.اي ڪيوڊن،  ڊڪشنري لٽرري ٽرمس،  پيگُنس بوڪس ، 1991ع، ص.939

(29)  تنوير، عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، ص. 142)

(30) علامه آءِ آءِ قاضي، شاھ جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1993ع،  ص،39

(31)  ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع، .ص،99

(32)  تنوير، عباسي، شاھ لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1989ع، 149

(33) ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع، ص،98

(34) ) علامه آءِ آءِ قاضي، شاھ جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1993ع،  ص،39

(35) گر ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع، ص،

(36) ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع، ص.189

(37) علامه آءِ آءِ قاضي، شاھ جو رسالو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1993ع،  ص،36

(38)  ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ جو رسالو، ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، 1979ع، ص،98

Advertisements

Give us your feedback

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s