ڪاڇي جي ڪنڌي ۽ شاھ لطيف ڀٽائي (عزيز ڪنگراڻي A great Poet of Sindh, Shah Latif Bhitai and the Kachho region

ڪاڇي جي ڪنڌي ۽ شاهه لطيف ڀٽائي
The Kachho and Shah Latif Bhitai, By: Aziz Kingrani
عزيز ڪنگراڻي
شاهه عبدللطيف ڀٽائي سنڌ جو اهڙو عظيم شاعر آهي جنهن وقت ۽ سماجي حالتن جي نبض تي هٿ رکي اعلى فني قدرن جي اعلى معيار کي ڇُهندي عام ماڻهن جي ذهني سطح سان ٺهڪي عوامي ٻوليءَ ۾ شعر چيو ته پنهنجي دؤر ۾ سڄي سنڌ جي دل ۾ ڌڙڪڻ لڳو ۽ صدين تائين هر دؤر جي ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن رهندو . شاهه لطيف پنهنجي شاعراڻي جوهر ۾ سنڌ جو عظيم، وسيع النظر، همه گير ۽ غير معمولي شاعر آهي. همعصر ادبي روايتن جي وهڪرن ۾ وهڻ بجاءِ سنڌ جي ڪلاسيڪي روايتن جي پيروڪاري ڪندي منفرد ۽ غيرروايتي انداز ۾ شعر چئي پنهنجو منفرد مقام حاصل ڪيائين. انهن همعصر ادبي روايتن بجاءِ پنهنجي انفرادي شاعراڻي سفر لاءِ خود فرمائي ٿو:
”لوڪ لهوارو وهي، تُون اونچو وهه اوڀار“
شاهه جي شاعري جا موضوع گُوناگُون، خيال ڳُوڙها ۽ ڳتيل آهن. جتي سندس فن ۽ فڪر جو سمنڊ ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو اتي هن سنڌي سماج، سماجي ريتن، رسمن، رواجن، وڻج واپار، زراعت ۽ انهن جي وسيلن ۽ علائقن سان گڏوگڏ مُروج رومانوي داستانن ۽ فطرت جو ڳُوڙهو مشاهدو ۽ مطالعو پڻ ڪيو. سندس مشاهدي وارو پهلو به نهايت وِشال، سگهارو ۽ گَهَرو آهي. شاهه فطرت ۽ سماج کي ڇَهين حِس سان ڇُهِي پرکي ۽ پروڙي شعر چيو. اظهار جي باڪمال صلاحيت سان پنهنجو پيغام عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ عام ماڻهن تائين ڪاميابي سان پهچايو. شاهه ڪائنات ۽ فطرت جي مشاهدي ۽ مطالعي وقت هر حواس کي کليل رکيو. ان مشاهدي جي اظهار وقت ۽ شاعراڻي بيان مهل، انهن سڀني ڪيفيتن جو اظهار ڪيو آهي جيڪي کيس مختلف حواسن جي ذريعي حاصل ٿيون (1). مطالعي ۽ مشاهدي وسيلي ئي شاهه سنڌ ۽ سنڌي سماج لاءِ شاعري جو آئينو جوڙيو. شاهه لطيف هميشه سير سفر کي گھڻِي ترجيح ڏني.
شاهه لطيف گھڻو ڪري سڄي سنڌ جو سير سفر پيرين پنڌ ڪيو ته ڀر وارن ملڪن (علائقن) جهڙوڪ: ڪيچ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، نيڙ، جوڌپور ۽ جيسلمير وغيره جي به ڪن ڀاڱن ۾ ويو (2). شاهه صاحب عمر جو ڪيترو حصو سير سياحت ۾ گذاريو؟ ان بابت وثوق سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. البت اهو ذڪر واضع ملي ٿو ته شاهه عمر جو ڳچ حصو گھمڻ ڦرڻ ۾ گھاريو. ڪن محققن جو خيال آهي ته شاهه اٽڪل ٽيهه سال سفر ۽ سياحت ۾ صَرف ڪيا ۽ دنيا جو گھڻو تجربو حاصل ڪيائين (3).ڪن جو خيال آهي ته لطيف جو خود پاڻ پنهنجي تربيت وارو دؤر ويهه ٻاويهه سال مسلسل طور جاري رهيو (4) سير سفر دؤران پهريان پندرهن سال پراهان پنڌ ڪيائين .پونين پنجن ستن سالن کن واري دؤر ۾ ڀٽ تي رهڻ کانسواءِ ٻاهريان سير سفر به جاري رکيائين (5) دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جو هن چڱو آزمودو پرايو. گهڻائي ڏک ڏاکڙا ڏٺائين جهنگل جهاڳيائين، ڏونگر ڏوريائين، ساڌن فقيرن سان صحبت ڪيائين ۽ ڀانت ڀانت جي ماڻهن سان ميلا ڪيائين (6) پهريان پنج ڇهه سال غالبا گهڻي ڀاڱي سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاهن ۽ درگاهن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي پيشي وارن وٽ ويهڻ ۽ عوامي زندگي جي مطالعي ۾ گــذاريائين (7) جتي دنيا ۽ دنيا کان علاوه سنڌ جي اڪثر علائقن جو مشاهدو ۽ مطالعو ڪيائين ۽ ان کي پنهنجي شاعري ۾ سموهيائين اُتي ڪاڇي جي ڪنڌي کي به نه وساريائين .
ڪاڇو نهايت ڏتڙيل ۽ پٺتي پيل علائقو رهيو آهي. هتان جي مفلوج زندگي کي به شاهه لطيف پنهنجي شاعري ۾ شامل ڪيو آهي . منهنجي نظر ۾ شاهه ڪاڇي جي ڪنڌي ۽ ان ۾ وسندڙ پسمانده زندگي بابت مختصر سهي پر نهايت جامح ۽ ڀرپور ڄاڻ حاصل ڪري اُن جو ڀرپور ذڪر ڪيو آهي. هت اهو به ويچار ڪرڻو آهي ته شاهه لطيف ڪاڇي جي سر زمين تي قدم گهمايا آهن يا نه ؟ شاهه صاحب ڪاڇي جي علائقي جو سفر ڪيو آهي يا نه؟ انهي بابت ڪي به ٺوس دليل ۽ حوالا نه ٿا ملن، البت هڪ هنڌ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻايو آهي ته اڀرندي ڏانهن سندس جيسلمير طرف وڃڻ بابت به ڪي پڪا دليل موجود آهن. الهندي طرف سنڌ جي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي وارو ملڪ ٺائين ۽ شايد اڃان به اڳتي خضدار تائين ويو. .سنڌ ۾ لاڙ، کارو، ٿر، وچ ڪاڇو ۽ اتر سڀ ڏٺائين (8) هن سلسلي ۾ ذڪر ڪري ڇڏڻ بجاءِ ڪي پختا دليل ڳولڻ گهرجن. خود شاه صاحب جي شاعري به ا نهي ڏس ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي . ڊاڪٽر بلوچ صاحب ٻئي هنڌ لکيو آهي ته ويهن سالن کن جي وڏي عرصي ۾هو گهڻن ئي فقيرن وٽ، ڪن گهڻن ئي ماڳن تي ويو هوندو پر جتي جتي ڪجهه وڌيڪ ترسيو اتي سندس نالي سان تڪيا قائم ٿيا. هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترين جاين تي سندس تڪيه موجود آهن. جيڪي مريدن پوءِ سندس نالي ڪيا(9). ان حوالي جي پسمنظر تي غور ڪجي ٿو ته ڪاڇي جي علائقي ۾ ڪو به تڪيو شاهه جي نالي پٺيان قائم ناهي. البت هڪ تڪيو شاهه صاحب جي نالي سان نئيگ شريف ۾ آهي جيڪو جابلو علائقي ۾ سيوهڻ کان لاهُوت لامڪان ويندڙ رستي سان آهي. شايد شاهه صاحب سيوهڻ کان سنياسين سان شاهه لاهوت ويندي نئيگ شريف ۾ ترسيو هجي. ڇاڪاڻ ته سيوهڻ ۾ قلندر شهباز جي درگاهه تي اچڻ جون روايتون پڻ شاهه صاحب سان منسوب ڪيون وڃن ٿيون.
ڪاڇو ڪڏهن ۽ ڪيئن ڏٺائين ان بابت ڪو به ثبوت يا ڪا مستند معلومات موجود ناهي. شاهه صاحب جي سير سفر يا ڪاڇي جي علائقي ۾ اچڻ ۽ گھمڻ بابت ڪجهه چوڻ کان اڳ ڪاڇي جي جاگرافي، بيهڪ يا حدن کي ذهن ۾ رکڻ گھرجي. ڏکڻ ۾ منڇر ويجھو ڳوٺ ڇني ۽ ٽنڊو رحيم خان، اتر ۾ ڪاڇي جون قديم سرحدون ضلعي جيڪب آباد کان اڳتي سبي ڍاڍر (بلوچستان) تائين پهتيون ٿي جيڪو بعد ۾ ڪڇي سڏجڻ ۾ آيو. هاڻ ڏکڻ ۾ دادو ۽ اتر ۾ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جو اولهندو باراني ۽ ميداني علائقو ڪاڇي ۾ شمار ٿئي ٿو. اولهه ۾ کيرٿر جبل جو جابلو سلسلو ڪاڇي جي سرحد بندي ڪري ٿو ۽ اوڀر ۾ قديم زماني ۾ درياهه جو ڪچي وارو علائقو جهڙوڪر ڪاڇي جي سرحد هئي، پر 1932ع ڌاري بئراج سسٽم نڪرڻ کان پوءِ انهي جاگرافيائي سرحد ۾ ڦير گھير آئي. بئراج نڪرڻ ڪري ڪچي ۽ ڪاڇي جي وچ ۾ پڪي جو علائقو نروار ٿيو. انهي ڪري هاڻ اوڀرندي ۾ پڪي وارو علائقو، (بئراج ايريا) ڪاڇي جي سرحدي لڪير جوڙي ٿو. ڪاڇي جي ميداني علائقي جي ڏکڻ ۾ وري ڪوهستان جو علائقو شروع ٿئي ٿو، جيڪو سپر هاءِ وي تائين دنگ ڪري ٿو. انهي ڪوهستاني يا جابلو پٽي کي محال ڪوهستان پڻ سڏيو وڃي ٿو.
ڪاڇي جي ڪنڌي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪنڌي يعنى ساڪر وارو علائقو ۽ ٻيو پٽ يعنى ميداني علائقو. اسان کي ڏسڻو اهو آهي ته شاهه لطيف ڪاڇي جي مذڪوره جاگرافي سرحدن ۾ پير گھمايا آهن يا نه؟ شاهه صاحب جي سياحت جي حوالي سان اهو به ذڪر ملي ٿو ته هن جوڳين، سناسين، صوفين ۽ ڪاپڙين سان گڏ هنگلاج جا ڦيرا به ڪيا آهن. شاهه صاحب ٻه ڀيرا هنگلاج ويو. پوئين گھمري ۾ جوڳين سان ناسازي ٿي پيس ۽ شاهه صاحب اڪيلو واپس وريو (10). شاهه صاحب جي شاعري به سندس هنگلاج جي سير جي سلسلي ۾ ثابتي فراهم ڪري ٿي ۽ سندس شاعري انهن پنڌن ۽ پيچرن، ڏکن ڏولڙن جي سُونهين پيرِيءَ جو ڪم ڪري ٿي.
”هوائون هنگلاج ڏي، ويندي سڀ وسار“
شاهه صاحب جو هنگلاج ڏانهن سفر جا پنڌ پيچرا سندس شاعري ۾ صاف نظر اچن ٿا. ڀٽ کان گنجي ٽڪر گام ۽ اُتان لاهوت، ڪانڀُو، ڪارو يعنى کيرٿر، پَٻَ جبل، وندر جو علائقو ۽ اڃان اڳتي هنگلاج جي ماڳ تائين سندس شاعري سفر جو رستو جوڙي ٿي. اهو گس ڀٽ شاهه کان هنگلاج تائين ويو پئي. ٻيو ممڪن رستو جنهن وسيلي شاهه هنگلاج ويل ڀانئجي ٿو سو ڀٽ شاهه کان ڪينجهر ۽ اتان ڪلاچي جو ڪُن حب ۽ وندر کان ٿيندي ۽ هنگلاج ويو پئي. ان رستي سان مشاهدا ماڻيندي شاهه سائين هنگلاج جو سير ڪيو هوندو. شاهه لطيف جي شاعري جي روشني ۾ انهيءَ رستي کي لَکائي سگھجي ٿو:
”هاڙهي ڏانهن هٿ کڻيو، ڇپر مڙان شال“

”سندي چانگن چس، پير ٺرندءِ پَٻَ ۾“

”ڇَپرُ ڇَمرُ ڀانيائين، ڪانڀو ۽ ڪارو“

”هاڙهو هِيڻِيءَ کي، لنگھائج لطيف چئي“

”ڦَٽِيا پير فقير جا، چڙهندي چڙهاڪا“
شاهه صاحب جي شعرن ۾ سمايل احساس سندس ذاتي سفر ۽ ان جي اذيت جو احساس ڏيارن ٿا ته انهن پنڌ پيچرن سان لطيف آيو ويو هو. مٿي ڄاڻايل شعرن ۾ آخري شعر واري سٽ ۾ فقير ان ڳالهه جو ثبُوت آهي ته لطيف جوڳين ۽ سناسين سان پنڌ ڪندي پير پٿُون ڪيا يا پٿُون ٿيل فقيرن جا پير پَسيا. سُر سسئي ديسِيءَ ۾ سسئي بدران فقير جا پير پِٿُون يا ڦٽجڻ جو ذڪر ڪرڻ سندس ذاتي مشاهدي ۽ ڪيل پنڌ جي ڪيفيت آهي. ڪارو جبل اصل ۾ کيرٿر جو عام نالو آهي. ان مان لڳي ٿو ته شاهه صاحب ڀٽ شاهه کان گنجي ٽڪر، اُتان محال ڪوهستان اچي ڪانڀُو، ڪارو ۽ پَٻُ جبل عُبور ڪيائين ۽ لسٻيلي جو وندر وارو علائقو وؤڙيو ۽ هنگلاج گھميو هو. سفر جا مٿي ڄاڻايل رستا ڪاڇي کان ڪوهين ڏُور ڏکڻ طرف آهن.
اُتر طرف ملتان تائين شاهه لطيف جي سفر جو رستو يا گس سنڌ درياهه وارو معلوم ٿئي ٿو. اهو سفر ٻيڙين وسيلي ڪيائين. اتر طرف ملتان تائين پنهنجي بزرگ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي مزار لاءِ ڪاشيءَ جون سِرون وٺڻ لاءِ ملتان وڃڻو پيس. ڊاڪٽر گُربخشاڻي چوڻ موجب ملتان کان ڳچ جيترو سامان وٺي، سگھوئي درياهه جي رستي ٻيڙي ۾ لهوارو ٿي آيو. جڏهن خداآباد وٽ پهتو تڏهن ساهي کڻڻ لاءِ سندس ٻيڙي لنگر هنيو. شهر جي ماڻهن کي جڏهن خبر پئي ته ٽولين جون ٽوليون سندس قدم بوسِيءَ لاءِ اچڻ لڳيون (11). هن حوالي جي روشنيءَ ۾ اُن وقت شاهه لطيف جي مقبوليت ۽ حيثيت جو اندازو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو ته سندس شخصيت ڪيڏي نه سگهاري ۽ مشهور هُئي. بهر حال اهو معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ شاهه صاحب درياهه وسيلي اتر سنڌ به ڏٺي ۽ ان وقت ڪاڇي جي ويجهو ڪلهوڙن جي اوائلي گادي واري شهر خداآباد ۾ ڊاٻي دوران ماڻهن سان به مليو پر اهو ذڪر ڪٿي به نه ٿو ملي ته شاهه صاحب اُتان ڪاڇي طرف نڪتو هجي. ڪو به تاريخي احوال نه ٿو ملي ته شاهه صاحب خداآباد يا ڪنهن ٻئي پتڻ تان لهي ڪاڇي جي ميداني علائقي جي ڪنهن ماڳ جو سير ڪيو هجي. سندس شاعري به اهڙو گس پنڌ نه ٿي ٻُڌائي جنهن آڌار تي چئي سگھجي ته شاهه ڪاڇي ڏانهن ويل ڀانئجي ٿو. اهو مڃجي ته شاهه صاحب ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو سير ڪيو هو پر انهي لاءِ ڪابه ڳالهه قرين قياس نه ٿي لڳي. سندس تيز فهم ۽ غيرمعمولي ذهانت ڪاڇي جي ڪنڌي جو مشاهدو ماڻي ها ته انهي مشاهدي ۽ مشاهدي سبب پيدا ٿيل ڪيفيتن جو اظهار پنهنجي شاعري ۾ ضرور ڪري ها. ڪاڇي جي ڪنڌي جي ويجهڙي مشاهدي کان پوءِ هتان جي معاشي ۽ اقتصادي حالت ۽ زندگي بابت خيال ۽ پرک جا اولڙا تفصيل سان سندس شعر ۾ ضرور جرڪن ۽ جهلڪن ها. پنهنجي شاعري ۾ ڪاڇي جي ڪنڌي جي ماڳن ، مڪانن، ڍنڍن ڍورن، واهيُن، نئيُن ۽ چشمن جو ذڪر ضرور ڪري ها. شاهه گاج جهڙي هاڪاري نئي جو ئي ذڪر ناهي ڪيو. ڏکڻ ڪاڇي جي دنگ تي منڇر جي زندگي جو تفصيلي احوال به سندس شاعري ۾ نه ٿو ملي. انهيءَ آڌار تي گمان غالب آهي ته شاهه ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جو سير سفر نه ڪيو هو پر ڪاڇي جي باراني معيشت ۽ اقتصادي حالتن جي وٽس ڄاڻ ضرور هئي. ڪاڇي جي لاهيارڪي زندگي ۽ علائقي جي ڏڪارن ۽ سُڪارن کان شاهه هرگز بيخبر نه هو. ڪاڇي بابت سندس ڄاڻ جا ٻه ذريعا معلوم ٿين ٿا. هڪ ته ڪلهوڙا حڪمرانن ۽ سندن درٻار جي اهم ماڻهن جو ساڻس تعلق رهيو هوندو ڇو ته انهن جي اچ وڃ ڪاڇي ڏانهن رهندي هئي ٻيو ته درياهه واري رستي سان ملتان ايندي ويندي، پيٽ گذران لاءِ ڪاڇي کان ايندڙ لاباري لاءِ لاهيارن يا وري مزدوري وغيره لاءِ ايندڙ ڪاڇيلن سان سندس ميل جول رهيو هوندو. جنهن جي آڌار تي ڪاڇي بابت پنهنجي ڪيفيتن ۽ نفيس جذبن سان ٽمٽار خيالن کي چند بيتن ۾ سموهي ڪاڇي جي اجتماعي اقتصادي، معاشي حالتن ۽ زندگي جي احساساتي عڪاسيءَ ڪيائين. ڪاڇي بابت شاهه صاحب جا سُر ڏهر ۾ چند پر نهايت ڀرپور ۽ حواسن تي حاوي ٿي ويندڙ بيت شامل آهن. انهن بيتن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته شاهه صاحب ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جي حالتن جو ڪيڏي نه باريڪ بيني ۽ گهرائي سان اظهار ڪيو آهي.
ڪاڇو باراني علائقو آهي. چوڻي اڄ به مقامي طور مشهور آهي ته ڪاڇو وسي ته امير نه غريب جو غريب. جڏهن وسڪارا ٿين ته سرسبزي، گلزاري ۽ پوکي راهي جام ٿئي ٿي نه ته رُڃ ئي رُڃ نظر پئي ايندي آهي. مينهن وسن ته اُڃ اُساٽ به ختم ٿيو وڃي. ڍنڍون ڍورا ڀرجيو وڃن. ماڻهو مال متاءُ خوشحال ٿيو پون. شاهه لطيف صرف هڪ بيت ۾ وسڪارن کانپوءِ ڪاڇي جي خوشحاليءَ، پاڻيءَ جي اڻاٺ ختم ٿيڻ ۽ ڪاڇي ۾ سُڪار اچڻ وارين سمورين حالتن جي حالتن جي عڪاسي هن ريت ڪئي آهي:
ڀُورِيُن پاند ٽِمن، جھاڳ جھاڳي آئِيُون
ڪاڇو مينهڙِيُن، مندائتو ماڻِيو.
توڙي جو شاهه صاحب ڪاڇي جي ڪنڌي بابت تمام گھٽ شعر چيا آهن پر انهن ۾ شامل عڪاسي ڪمال جي سمايل آهي. انهن شعرن ۾ اٿاهه جذبن ۽ ڪيفيتن جي اُٿل پُٿل جو ڇيهه ناهي. جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته لطيف ڪاڇي جي لاهيارڪي زندگي ۽ ان جي درد جو مشاهدو ضرور ماڻيو هوندو. آڳاٽي زماني کان 20 هين صدي جي ستين ڏهاڪي تائين جڏهن ڪاڇي ۾ گھڻِي وس نه ٿيندي هُئي تڏهن ڪاڇي جا ماڻهو پنهنجا پڊ ڇڏي لاهيارا بڻجي، سنڌ درياهه جي آسپاس يا پوءِ بئراج واري علائقي ۾ اُجرت تي فصل لُڻڻ، خاص طور ڪڻڪ جي لابارن لاءِ لڏو کڻي اچي ويهندا هُئا ۽ مهينن جا مهينا اُجرت تي لابارو ڪندا هئاا. شاهه لطيف هڪ بيت ۾ انهي زندگي جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي جيڪو شاهه جي مهان ڏات ۽ ڏانءُ جو ئي ڪمال آهي جو هڪ بيت ۾ ڪاڇي جي پُوري لاهيارڪي زندگي ۽ اُن جي رولڙن ۽ ڏولاون کي سموهي ڇڏيو آهي. ڏڪارن وقت مهينن جا مهينا ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جا اڪثر ماڻهو ڳوٺ ڇڏي اچي لابارا ڪندا هئا ۽ اَنُ ڪٺي ڪري واپس ورندا هُئا. ڪجھه پنهنجن اباڻڪن پڊن تي به ترسي پوندا هئا ته ڪجھه خانه بدوش بڻجي لڏي اچي پراوا لابارا ڪندا هئا. جيڪي پڊن تي ئي رهندا هُئا سي لڏي ويلن جي اوسيئڙي ۽ اُڪِير ۾ عذاب جهڙي زندگي گھاريندا هُئا.
سُر ڏهر ۾ انهيءَ زندگي جو اولڙو موجود آهي جيڪو انهي سموري لڏپلاڻ، رولڙن، ڏولاون ۽ پنهنجن پيارن کان ڏُور گُذارڻ واري حياتيءَ جو وِچُور آهي. هڪ بيت منجھان، ان زندگي جي جھلڪ هڪ ڪاڇيلي عورت جي احساس جي صورت ۾ پَسِي ۽ محسوس ڪري سگھجي ٿي. هڪ عورت جنهن جا مائٽ ڏُڪار سبب ڪاڇو ڇڏي لاهيارا بڻجي لاباري لاءِ ويل آهن ۽ هُوءَ هيڪلي سِڪ ۽ اُڪير ۾ ڪاڇي ۾ کين ساريندي گھاري پئي. جڏهن اُتان ڪو ٻيو وڃڻ جو سعيو ڪري ٿو ته اُن ويندڙ کي عورت اندر جي اُڪنڊ کان مجبور ٿي من جي پاتال ۾ پيهِي ويندڙ نياپو ڏئي ٿي:
سنگھارن ساري، ساٿي ڏيج سَنِيهَڙا،
سا هيڪلي گھاري، مُنڌ ڪاڇي ڪنڌيئين.
سُر ڏهر ۾ هيٺ ڏنل بيت به مٿئين ڏنل بيت جو تسلسل لڳن ٿا. جن ۾ پنهنجن پيارن جي وڇوڙي ۾ اُڪير ۽ اوسيئڙي جي ٽياس تي ٽنگيل ڪاڇي جي ويڳاڻي عورت جي مختلف احساسن، ڪيفيتن ۽ ذهني آنڌمانڌ جا عڪس به پَسِي سگهجن ٿا ته اجتماعي طور ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جي پڻ عڪاسي ٿيل نظر اچي ٿي.
جيئن سي سنگهار، اجهي جن جي گهاريان
مانَ لَهنئون سار ، وچ ولهئين ڏينهڙين.

جيڪا گھاري ماءِ، آيل سنگهارن سين
ته رُکو مُور نه کاءِ، توڙي هوءِ اوڳڻي.

جهوڪُون نه جھڻڪن، وڳ نه پسان وَٽ ۾
آيل سنگھارن، جيڪس چٽاڻو چِت ڪيو.
شاهه لطيف جهڙو عظيم شاعر پنهنجي وقت ۾ سنڌ جي سماجي توڙي سياسي حالتن کان بي خبر هجي اهو جهڙوڪر نا ممڪن هو. سندس دور ۾ سنڌ توڙي ڪاڇي تي ڪرندڙ آفتن ۽ جيءُ جنجھوڙيندڙ حملن جي سانحن کيس به بيچين پئي ڪيو. ڪاڇي تي مصيبتن جي وِڄُ ڪڙڪِي ته شاهه به ڪُوڪ ڪئي. اُن ڪُوڪ بابت محققن جو خيال آهي ته ڏڪار جا ڏينهن اچي وڃن ٿا ته سنگھار اُتان لڏي وڃن ٿا ته ڪاڇي ۾ ڪُوڪ پئجي وڃي ٿي (12). منهنجي خيال موجب اها درد ڀري ڪُوڪ ڏڪار سبب نه پر ڪاڇي ۽ سنڌ تي حملن جي آفت ٽٽڻ سبب راڙ آهي جيڪا لطيف ڪنائي ۽ ورنائي. جنهن جي اچڻ سان سنگهارن کي ڪُوڪُون ڪندي ڪاڇي جي ڪنڌي ڇڏڻي پئي. ڏڪار ۾ ڪاڇي جي ماڻهن جي درد ڀَرِي چؤٻول کي ڪُوڪ جو نالو ڏجي به سهي پر هيءُ ڪُوڪ ئي ٻي آ. سندس بيتن تي غور ڪرڻ سان گڏوگڏ لطيف جي وقت ۾ سياسي حالتُن ۽ ان جي تاريخي پسمنظر تي غور ڪجي ٿو ته پتو پئجي وڃي ٿو ته لطيف ڪاڇي ۾ ڪُوڪ جو ذڪر ڏُڪار نه پر راتاهن جي پسمنظر ۾ ڪيو آهي. ميان نور محمد جي حڪمراني واري دؤر ۾ 1739ع ۾ سنڌ تي نادر شاهه حملو ڪيو ۽ لاڙڪاڻي وٽ پهتو (13). ميان نور محمد جو گھڻو لاڳاپو ڪاڇي سان هو. ميان نور محمد اول خداآباد ۽ پوءِ محمودآباد (موجوده دؤلتپور ۽ سڪرنڊ وارو علائقو) ۾ رهيو. حملي جي نتيجي ۾ ميان نور محمد هتان ڇڏي عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي پناهه ورتي (14). نادر شاهه کان پوءِ احمد شاهه ابدالي سنڌ تي 1748ع، 1749ع ۽ 1752ع ۾ حملا ڪيا (15). شاهه لطيف جهڙو عظيم ۽ وقت جي حالتن تي ڊگهي نظر رکندڙ انهن حملن ۽ حملي سبب پيدا ٿيل ڪرب ناڪ صورتحال کان هرگز بيخبر رهي نٿو سگهي. سنڌ تي اولهه کان ٿيندڙ حملن جي آفت اول اَوَسُ ڪاڇي ٿي ڪِرندي هُئي. چوڻي به مشهور آهي ته ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌاران جوکو“. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي ڪاهُن وقت ڪاڇي وارا ڪوڏ ۾ نه هُوندا پر ڪُوڪيا هوندا. حملي وقت ڪاڇي جي ڪنڌيءَ ۾ ڪُوڪ پئجي وئي هوندي ۽ ماڻهن ساهه جي خؤف کان ڪُوڪندي ڪنڌي ڇڏي هوندي. شاهه عام يا عوام جو شاعر هو جنهنڪري گمان غالب آهي ته شاهه عوام جي حملن ۾ ڪيل ڪُوڪ ڪنائيندي شعر چيو هوندو. شاهه صاحب جي ڪم آيل ڪاهه لفظ منجھان ئي اها ڳالهه لَکائي سگهجي ٿي:
ڪاڇي پيئي ڪُوڪ، آيل سنگھارن جي
مادر اُوءِ ملُوڪ، اٺي وِئڙا اُڪري.

ڪاڇي ڪاهيائون. سچ ڪه سنگھارن لڏيو؟
مانُ تن ماريائون، پاڻان وِجھي گُوندَرين.

شاهه صاحب جي شعرن تي غور ڪبو ته ٻئي شعر ڪاڇي تي ڪاهه جي پسمنظر ۾ چيل آهن. پوئين بيت منجهان واضع ٿئي ٿو ته ڪاڇي تي ڪاهه يعنى حملو ٿيو آهي .لفظ ”ڪاڇي ڪاهيائون“ مان ئي صاف ظاهر آهي ته ڪاڇي تي ڪاهُون يا حملا ٿيا آهن ۽ نتيجي ۾ ڪُوڪ پئي ۽ ڪاڇي وارن کي ڪُوڪندي ڪنڌي ڇڏڻي پئي. وسڪارن سبب ڪاڇو ڪاهڻ يا پوکڻ جي حوالي سان ڪُوڪ جي هُل پوڻ جي معنى قائم ڪرڻ ڪنهن به طرح درست نه ٿيندو. ڏڪار سبب ڪاڇي وارن ۾ ڪوڪ به پئجي سگهي ٿي پر ڪاهه لفظ ان معنى کي ڪمزور بڻائي ٿو. ٻئي طرف مانُ مارجڻ تي به سوچڻ گھرجي. شاهه لطيف موجب ڪنڌيءَ جي ماڻهن جي ”مانُ“ کي ضرب لڳائي وئي هئي جنهنڪري ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جا ماڻهو ڪاڇي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. سو وثوق سان چئي سگھجي ٿو ته شاهه لطيف اها ڪُوڪ ڏڪار سبب نه ڪَنائي هوندي پر حملن جي عذاب کان نڪتل آنهه کي ڪَنائي ان کي شعر جو رُوپ ڏنو هوندو. انهيءَ پسمنظر جي وڌيڪ تشريح خود سُر ڏهر ۾ شامل شاهه لطيف جا ٻيا بيت پڻ ڪن ٿا. هيٺيان بيت ڪاهُن جي آفتن جي نشاندهي ڪن ٿا.

بغل منجهه بندُوق، ماري ميرا ڪپڙا
ماريو مير مَلُوڪ، لتاڙيو لڪ چڙهي.

چيتان ڪري چُڻيج، بڊاماڻي بُٺَ ۾
نيڻين ننڊ مَ ڏيج، ڇيڙُون ڇپر آئيون.
بهرحال شاهه لطيف ڪاڇي جي ڪنڌيءَ ڏانهن نه اچڻ جي باوجود به سنڌ جي ٻين علائقن جيان ڪاڇي جي ڪنڌيءَ کي به نه وساريو آهي. سنڌ جي هن عظيم شاعر سنڌ جي ٻين علائقن وانگر ڪاڇي کي به نظر انداز نه ڪيو ۽ جامع انداز ۾ ڪاڇي جي ڪنڌيءَ جي ڀرپور عڪاسي ڪئي آهي.
مددي ڪتاب ۽ حوالا
(1) تنوير عباسي، شاهه لطيف جي شاعري، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1989ع، ص.112
(2) معمور يوسفاڻي، لطيف جا ٿر تي پيرا، مهراڻ اڪيڊمي، 2001ع، ص.16
(3) ڊاڪٽر گُربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص.14
(4) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام جلد 1 ، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص.20
(5) ساڳو حوالو، ص.20
(6) ڊاڪٽر گُربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص.14
(7) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام جلد 1 ، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص.22
(8) ساڳيو حوالو، ص.26
(9) ساڳيو حوالو، ص.50
(10) ڊاڪٽر نواز علي شوق، تحقيقات لطيف، مهراڻ اڪيڊمي، 2005ع، ص.18
(11) ڊاڪٽر گُربخشاڻي، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه مرڪز، 1979ع، ص.17
(12) ڊاڪٽر نواز علي شوق، تحقيقات لطيف، مهراڻ اڪيڊمي، 2005ع، ص.2005ع، ص.32
(13) رحيمداد مولائي شيدائي، جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 200ع، ص.433
(14) غلام رسول مهر، تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر جلد 1 ، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ، 1996ع، ص. 385
(15) ساڳيو حوالو. ص.448 کان 450
( 17 نومبر 2015ع تي سنڌ ثقافت کاتي حُڪومت سنڌ طرفان انٽرنيشنل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو)

Advertisements

Give us your feedback

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s